Quran-e-Pak Ki Ahmiyat

Book Name:Quran-e-Pak Ki Ahmiyat

ڳاڇا ڪري اهو به سکي ورتو ۽ پڇڻ ۾ ڪو شرم به آيو۔

      اهڙي طرح انگلش ڳالهائڻ جو مثال وٺو، اسان وٽ ڪو به انگريزي سکي پيدا ناهي ٿيندي، مادري زبان ڪا ٻي هوندي آهي پر جڏهن انگلش سکي ورتي ته فرفر ڳالهائڻ به اچي وئي،

       افسوس! گھڻو ڪجھ سکي ورتو پر جيڪڏهن ناهي سکيو ته قرآن درست پڙھڻ نه سکيو، ٭ جيڪڏهن ناهي سکيو ته دِين جو علم ناهي سکيو، ٭ جيڪڏهن ناهي سکيو ته نماز کي درست انداز ۾ پڙھڻ ناهي سکيو ،٭ جيڪڏهن ناهي سکيو ته شريعت جي مسئلن کي ناهي سکيو،٭ جيڪڏهن ناهي سکيو ته آقا ڪريم، محبوبِ ربِّ عظيم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي سُنّتن تي عمل ڪرڻ ناهي سکيو، ٭ جيڪڏهن ناهي سکيو ته الله پاڪ کي راضي ڪرڻ ناهي سکيو، ٭ جيڪڏهن ناهي سکيو ته والدين جو ادب ۽ احترام ڪرڻ ناهي سکيو، ٭ جيڪڏهن ناهي سکيو ته وڏن جو احترام ۽ ننڍن تي شفقت ڪرڻ ناهي سکيو۔٭ جيڪڏهن ناهي سکيو ته فرض علم ناهي سکيو۔ جڏهن ته انهن ڳالهين جو سکڻ هڪ مسلمان جي لاءِ گھڻو ضروري آهي۔ الله پاڪ اسان جي حال تي اهڙو ڪرم فرمائي جو اسان دُرست قرآنِ ڪريم پڙھڻ سکي وڃون۔ اٰمِين بِجَاه النَّبِي الْاَمِين صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ 

      اچو! ترغيب جي لاءِ بزرگانِ دِين جي قرآنِ ڪريم سان محبت جا ڪجھ ايمان افروز واقعا ٻڌون ٿيون،

بُزرگانِ دِين جا واقعا

      (1) منقول آهي ته جڏهن رَمَضانُ المبارَڪ جو مهينو شُروع ٿيندو هو ته سيدُنا سفيان ثوري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه ٻيون تمام نفلي عبادتون ترڪ ڪري تلاوتِ قرآن ۾ مَشغُول ٿي ويندا هئا۔ (دين ودنيا ڪي انوڪھي باتيں،ص۶۱)

       (2) حضرت سَيدُنا محمد بن اسماعيل بخاريرَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جيڪي امام بخاري جي نالي سان مشهور آهن، سندن باري ۾ ايندو آهي ته ڪثير مصروفيتن جي باوجُود پاڻ کي تلاوتِ قرآن سان بيحد محبت هئي، پاڻ رَمَضان المبارڪ ۾ روزانو ڏينهن ۾ هڪ ڀيرو قرآنِ پاڪ جو ختم ڪندا هئا ۽ تراويح کان پوءِ