Faizan-e-Rabi-ul-Awaal

Book Name:Faizan-e-Rabi-ul-Awaal

درودِ پاڪ پڙھڻ به آهي۔ ڇوته درودِپاڪ پڙھڻ جون بي شمار فضيلتون ۽ برڪتون آهن، مثال طور درودِ پاڪ جي برڪت سان دلين جي صفائي ٿيندي آهي۔ درودِ پاڪ جي برڪت سان رِزق ۾ برڪت ٿيندي آهي۔ درودِ پاڪ جي برڪت سان پل صراط تي آساني نصيب ٿيندي۔ درودِ پاڪ جي برڪت سان آقا ڪريم، رؤف رحيم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي شفاعت نصيب ٿيندي۔ تنهنڪري اسان کي گھرجي ته هن بابرڪت مهيني ۾ درودِ پاڪ جي ڪثرت ڪريون۔ اچو! گڏجي دعا ڪريون ٿيون:

بچیں  بے کار باتوں سے  پڑھیں اے  کاش کثرت سے          ترے محبوب پر ہر دم درودِ پاک  ہم مولیٰ

(وسائلِ بخشش مرمّم،

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                               صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

نفلن جي ڪثرت ڪريو

         پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! اسان ربيع الاول ۾ ڪيا ويندڙ نيڪ عملن جي باري ۾ ٻڌي رهيون هيوسين، ربيع الاول ۾ الله پاڪ ۽ ان جي محبوب جو قرب ماڻڻ وارا عمل ڪريون، هن جو هڪ بهترين ذريعو نفلن جي ڪثرت به آهي، ان ڪري اسان جا بزرگانِ دين رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡهم فرائض ۽ واجبات سان گڏوگڏ نفلن جي به ڪثرت ڪندا هئا۔ اچو! ربيع الاول ۽ خاص ڪري ٻارهين شريف جي ڪجھ نفلن جي باري ۾ ٻڌون ٿيون: جيئن

(1)   ربيعُ الاوّل جي پهرين رات نمازِ مغرب کان پوءِ ٻه رڪعت نفل هن طرح پڙھو جو هر رڪعت ۾ سوره فاتحه کان پوءِ ٽي ڀيرا سوره اخلاص (قُل هوَالله اَحَد) جي تلاوت ڪريو ۽ سلام کان پوءِ سؤ ڀيرا اهو درودِ پاڪ پڙھو: اَللّٰهمَّ صَلِّ عَلٰي مُحَمَّدٍ وَّعَلٰي اٰلِ مُحَمَّدٍ وَّبَارِک وَسَلِّمْ بِرَحْمَتِک يا اَرْحَمَ الرَّاحِمِين۔ (لطائف اشرفي ،۲/۲۳۱۔جواهرخمسه، ص ۲۱)

(2) ٻارهين تاريخ جو نبيءِ رحمت، شفيعِ اُمّت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي بارگاھ ۾ ايصالِ ثواب پهچائڻ جي نيت سان ويھ (20) رڪعت نفل پڙھو ۽ هر رڪعت ۾ سوره فاتحه کان پوءِ ايڪويھ (21) ڀيرا سوره اخلاص (قُل هُوَالله اَحَد) پڙھو۔ هڪ شخص هميشه اهو نماز پڙھندو هو ان کي خواب ۾ نبي پاڪ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي