Faizan-e-Rabi-ul-Awaal

Book Name:Faizan-e-Rabi-ul-Awaal

مدد ڪندا هئا، اچو! ميلادشريف ملهائڻ جو واقعو ٻڌون ٿيون، جيئن

ربيع الاول ۽ اربل جو بادشاه

  اِربِل جو بادشاھ جن جو نالو ابُو سعيد مظفر رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه هو، اهو عظيم فاتح سلطان صلاح الدين ايوبي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو ڀيڻويو هو، اهو بادشاھ ڏاڍو سخي، نيڪ دل انسان ۽ عادل هئڻ سان گڏوگڏ عالم به هو، نهايت دلير ۽ ذهين هو. انهن پنهنجي وفات کانپوءِ ڪيئي سٺيون يادگيريون ڇڏيون. هر سال ربيعُ الاول ۾ ميلاد شريف وڏي اهتمام سان ڪندو هو، تمام وڏي محفل جو اِنعقاد ڪندو هو۔  (البدایۃ والنہایۃ،۹/۱۸ ملخصاً) ان محفل ۾ شرڪت ڪرڻ وارن جو بيان آهي ته انهن محفلِ ميلاد ۾ ڀُڳل ٻڪرين جون پنج هزار منڍيون ڏٺيون، 10 هزار ڪڪڙ، کيرڻي جا هڪ لک پيالا ۽ حلوي جا 30 هزار ٿال ڏٺا، ڪيئي عُلماء ۽ صُوفيا محفلِ ميلاد ۾ شرڪت ڪندا هئا، بادشاھ (ابُو سعيد مظفر رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه) انهن کي قيمتي لباس پارائيندو هو، انعامات سان نوازيندو هو، اهي هر سال محفلِ ميلاد تي ٽي (3) لک دِينار خرچ ڪندا هئا، مهمانن جي لاءِ مهمان خانو هوندو هو، اهو هر سال ان گھر ۾ سالانو هڪ لک دِينار خرچ ڪندو هو، ٽيھ (30) هزار دِينار خرچ ڪري حَرَمَين شَرِيفَين جا رستا دُرُست ڪرائيندو هو، اهي صدقا  انهن صدقن کان علاوه هئا، جيڪي پوشيده طور تي ڪيا ويندا هئا۔ (سبل الهدي والرشاد،۱/۳۶۲ بتغير قليل)

ربیعِ پاک تجھ پر اہلسنّت کیوں نہ قرباں ہوں

کہ   تیری   بارہویں  تاریخ   وہ   جانِ   قمر   آیا

(قبالۂ بخشش، ص۶۵)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                               صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! اوهان ٻڌو ته اسان جا بزرگ سڳورا رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡهم هن مبارڪ مهيني جو بيحد ادب ۽ احترام ڪندا هئا، هن مهيني ۾ خوب صدقو ۽ خيرات ڪندا هئا، پياري آقا، مديني واري مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو ميلادشريف ملهائيندا هئا، ياد رکو! ميلاد شريف ملهائڻ جون بيشمار فضيلتون ۽ برڪتون آهن۔

حضرت سَيّدنا امام عبدُالرّحمٰن ابنِ جوزي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: جشنِ ولادت تي