Faizan-e-Rabi-ul-Awaal

Book Name:Faizan-e-Rabi-ul-Awaal

ايندڙ هفتيواراجتماع جي بيان جون جھلڪيون

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! اِنْ شَآءَ الله! آئنده هفتيوار اِجتماع جو موضوع هوندو؛ ”قرآن پاڪ ۽ نعتِ مصطفٰي“ جنهن ۾ اسان حضور نبي ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي شان ۽ عظمت، فضيلتن ۽ برڪتن ۽ اهي خصوصيتون جيڪي قرآن ڪريم ۾ بيان ڪيون ويون آهن، مثال طور قرآن ڪريم ۾ ڪٿي پاڻ کي شفاعت ڪرڻ وارو فرمايو ويو ته ڪٿي پاڻ کي سِراجاً مُّنيرًا فرمايو ويو۔ ڪٿي پاڻ کي يٰس و طٰهٰ فرمايو ويو ته ڪٿي پاڻ کي مزّمّل و مُدّثّر فرمايو ويو، مطلب ته الله پاڪ پنهنجي محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي جن بيشمار اوصاف ۽ خصوصيات سان نوازيو آهي انهن جي باري ۾ ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪنديوسين۔ لهٰذا! آئنده اربع تي به اجتماع ۾ حاضري جي نيت ڪريو، نه صرف پاڻ اچڻ جي بلڪ اِنفرادي ڪوشش ڪري ٻين کي به گڏ آڻڻ جي نيت ڪريو.