Faizan-e-Rabi-ul-Awaal

Book Name:Faizan-e-Rabi-ul-Awaal

حضرتِ علامه مولانا محمد الياس عطار قادري دَامَتْ بَـرَکَاتُهمُ الْعَالِيه جي رسالي صُبحِ بهاران مان ڪجھ نڪتا ٻڌون ٿيون: جيئن

          پاڻ دَامَتْ بَـرَکَاتُهمُ الْعَالِيهفرمائن ٿا: تمام اسلامي ڀينرون جشنِ ولادت جي خوشي ۾ سنتن جي مطابق زندگي گذارڻ جي نيت ڪري وٺو۔ يارهين جي شام نه ته ٻارهينءَ جي رات غسل ڪيو، ٿي سگهي ته هن عيدن جي عيد جي تعظيم جي نيت سان ضرورت جون تمام شيون نيون خريد ڪري وٺو۔ جشن ِولادت جي خوشي ۾ ڪو به اهڙو ڪم نه ڪريو جنهن سان حقوقُ العباد پامال ٿيندا هجن۔  جشنِ ولادت جي خوشي ۾ گھرن تي سبزسبز پرچم لڳرايو. جائز ذريعن سان لائٽنگ جي سيٽنگ ڪرايو۔  نَمازِ باجماعت جي پابندي جو خيال رکو۔

      وڌيڪ فرمائن ٿا: اسلامي ڀينرون ۳۰ ڏينهن تائين روزانو گهر جي اندر (صِرف گھر جي اسلامي ڀينرن ۽ مَحرمن ۾) فيضانِ سنت جو درس جاري ڪن ۽ وري اڳتي به روزانو جاري رکڻ جي نيت ڪن. تمام اسلامي ڀينرون هنن عملن سان گڏوگڏ ٻيا نيڪ عمل پڻ ادا ڪن ۽ ربيع الاوَّل شريف کي عبادت ۽ رياضت ۾ گذارڻ جي نيت فرمائي وٺو۔

عمل کا ہو جذبہ عطا یاالٰہی                                          گناہوں سے مجھ کو بچا یاالٰہی

دے شوقِ تلاوت دے ذَوقِ عبادت                          رہوں بَاوُضو میں سدا یاالٰہی

(وسائلِ بخشش مرمّم،ص۱۰۲)

 

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                         صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمّد

     پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! اسان ربيع الاول جي فضيلتن ۽ برڪتن، هن مقدّس مهيني ۾ ڪيا ويندڙ نيڪ عملن بابت ٻڌي رهيون هيون سين، اسان جا بزرگ سڳورا تمام وڏي ادب ۽ احترام، عبادت ۽ رياضت ۽ اهتمام سان هن مبارڪ ۽ مقدّس مهيني کي گذاريندا هئا، هن مبارڪ مهيني ۾ خصوصيت سان نبي ڪريم، رؤف رحيم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو ميلادشريف ملهائيندا هئا، خوب صدقو ۽ خيرات ڪندا هئا، غريبن، تنگدستن ۽ لاچارن جي