Faizan-e-Rabi-ul-Awaal

Book Name:Faizan-e-Rabi-ul-Awaal

جي وجودِ مَسعود جي صدقي دنيا وارن تي ڀلائين ۽ سعادتن جا دروازا کولي ڇڏيا آهن، انهيء مهيني جي ٻارهين تاريخ جو رسولُ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي ولادت ٿي۔ (عجائب المخلوقات، ص۶۸)

ربیعِ پاک تجھ پر اہلسنّت کیوں نہ قرباں ہوں

کہ   تیری   بارہویں  تاریخ   وہ   جانِ   قمر   آیا

                                                                   (قبالۂ بخشش،ص۳۷)

”رَبيعُ الاوّل“ چوڻ جو سبب

          پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! يقيناً جيڪا سعادت ربيع الاول جي حصي ۾ آئي آهي اها ٻي ڪنهن مهيني کي نصيب ناهي ٿي۔ ربيع الاول جي معنيٰ ڇا آهي، اچو ٻڌون ٿيون: ربيع چوندا آهن بهار جي موسم کي يعني سيء ۽ گرمي جي وچ واري جيڪا موسم هوندي آهي ان کي ربيع چوندا آهن۔ اهلِ عرب موسمِ بهار جي ابتدائي زماني کي ”ربيعُ الاوّل“ چون ٿا، هن موسم ۾ کُنڀي (برسات ۾ نرم ڪاٺي جي پسڻ سان ڇٽي جيان هڪ گاھ ڦُٽي پوندو آهي ۽ هن کي کنڀي چيو ويندو آهي۔) ۽ گل پيدا ٿيندا آهن ۽ جنهن وقت گلن جي پيداوار ٿيندي آهي انهن ڏينهن کي ربيعُ الآخر چوندا هئا۔ جڏهن مهينن جا نالا رکيا ويا ته صفر کان پوءِ ٻن مهينن کي انهيء ٻن موسمن جي نالي تي ربيعُ الاوّل ۽ ربيعُ الآخر جو نالو ڏنو ويو۔ (لسان العرب،۱/۱۴۳۵ ملخصاً)

ربيع الاول جو شان اهو آهي ته انهيء مهيني ۾ ٻنهي جهانن جي سلطان، محبوبِ ذيشان صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي ولادت ٿي آهي، يقينًا حُضُورِ انور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جهان ۾ شاھِ بحر وبَر بڻجي جلوه گر نه ٿين ها ته ڪا عيد، نه عيد هجي ها، نه ڪا شب، شبِ بَراءَت۔ بلڪ ڪون و مڪان جون سموريون رونقون ۽ شان ان جانِ جهان،محبوبِ رَحمٰن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي قدمن جي مٽي جو صَدقو آهي۔ هن مبارڪ مهيني جي ٻارهين تاريخ نهايت ئي سعادتن ۽ عظمتن واري آهي، ڇوته اسان جي پياري نبي، مڪي، مدني، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي ولادتِ باسعادت سومر جي ڏينهن 12 ربيعُ الاوّل جو ٿي۔ (لطائف المعارف، ص۱۰۴۔مواهب اللدنية ، المقصدالاول، آيات ولادته۔۔۔الخ، ۱/۷۵)

   اهو ئي سبب آهي جو هن ڏينهن عاشقانِ رسول پنهنجي حيثيت آهر