Faizan-e-Rabi-ul-Awaal

Book Name:Faizan-e-Rabi-ul-Awaal

  محافلِ ميلاد ملهائيندا آهن ۽ الله ڪريم جي رحمتن مان حصو ماڻيندا آهن۔ اچو! انهيء مناسبت سان هڪ واقعو ٻڌون ٿيون:

ملائڪن جا انوار

حضرتِ سَيدُنا شاھ وَلِي الله محدثِ دهلوي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا ته مان هڪ ڀيرو ان محفلِ ميلاد ۾ حاضر ٿيس، جيڪا مڪي شريف ۾ رَبِيعُ الاَوَّل جي ٻارهين تاريخ تي مولدُ النبي (يعني سرڪار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي ولادت گاھ) ۾ منعقد ٿي، جنهن وقت ولادت جو ذڪر پڙھيو پئي ويو ته مون ڏٺو ته اوچتو ان مجلس مان ڪجھ انوار بُلند ٿيا، مون انهن انوارن تي غور ڪيو ته معلوم ٿيو ته اهي رحمتِ الٰهي ۽ انهن ملائڪن جا انوار هئا جيڪي اهڙين محفلن ۾ حاضر ٿيندا آهن۔ (سيرتِ مصطفٰي ،ص ۷۲-۷۳)

نُوری محفل پہ چادر تنی نُور کی

نُور            پھیلا      ہوا        آج             کی  رات      ہے

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                               صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! اوهان ٻڌو ته جشنِ عيد ميلادُالنبي جي محفل ۾ ربِّ ڪريم جي رحمتن جو نزول ٿيندو آهي، اَنوارِ الٰهي ڇماڇم ٿيندي آهي، رحمت جا ملائڪ ميلاد شريف جي محفلن ۾ شريڪ ٿيندا آهن ۽ ميلاد ملهائڻ وارن کي پنهنجي نوراني پرن سان گھيري وٺندا آهن، ميلاد شريف ملهائڻ وارن سان رب ڪريم خوش ٿيندو آهي ۽ ان تي پنهنجن انعامن ۽ نوازشن جي بارش به ڪندو آهي۔ يقيناً ميلاد شريف ملهائڻ، ميلاد جي مهيني ۾ پنهنجن گھرن کي مدني پرچمن، جڳمڳ ڪندڙ قُمقُمن، رنگ برنگي لائٽن سان سجائڻ، ربيع الاوّل جو چنڊ نظر ايندي ئي نيڪ عمل ۽ درودِ پاڪ جي ڪثرت ڪرڻ ۽ ميلاد شريف جي محفلن ۾ شرڪت ڪرڻ اجروثواب جو سبب ۽ مغفرت حاصل ڪرڻ جو ذريعو آهي، پر افسوس! اڄوڪي دور ۾ محفل ميلاد هجي يا اجتماعِ ذڪر ونعت ۾ درس و بيان ٻڌڻ جو موقعو اسان لاپرواهي ڪنديون آهيون، هيڏانهن هوڏانهن ڏسنديون آهيون، موبائل فونز استعمال