Faizan-e-Rabi-ul-Awaal

Book Name:Faizan-e-Rabi-ul-Awaal

  حضرت اَبُو قَتَادَه رَضِىَ اللهُ عَنْه فرمائن ٿا: حضور نبي رحمت، شفيعِ اُمّت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي بارگاھ ۾ سومر جي روزي جي باري ۾ پڇيو ويو ته ارشاد فرمايائون: انهيء ڏينهن منهنجي وِلادت ٿي ۽ انهيء ڏينهن مون تي وَحي نازِل ٿي۔ (مسلم،ڪتاب الصيام،باب استحباب صيام ثلاثة۔۔۔الخ،ص۴۵۵،حديث:۲۷۵۰)

   پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! يقيناً هڪ حقيقي عشقِ رسول رکڻ وارن جي سڃاڻپ اها هوندي آهي جو اهو دنيا جي مَحَبَّت کان پيڇو ڇڏائي پنهنجي زندگي جي هر هر معاملي ۾ اِطاعتِ رسول کي پنهنجي عادت بڻائي ڇڏيندو آهي، ان جو هڪ مثال اميرِ اهلسنَّت، حَضرتِ علّامه مَولَانا محمدالياس عطّار قادري دَامَتْ بَـرَکَاتُهمُ الْعَالِيه جي مبارڪ ذات به آهي، پاڻ دَامَتْ بَـرَکَاتُهمُ الْعَالِيه ٻارهين شريف ۽ خاص ڪري هر سومر شريف جو روزو رکندا آهن ۽ پنهنجي مُريدن ۽ مُحِبّن کي به هر سومر شريف جو روزو رکڻ جي ڀرپُور ترغيب ڏياريندا آهن۔ تنهڪري اسان کي گھرجي ته يادِ مصطَفٰي ۾ نه صرف پاڻ بلڪ پنهنجي گھروارن کي به ٻارهين شريف جو روزو رکڻ جي دعوت ڏيون ۽ ربِّ ڪريم جي هن عظيم نعمت جو شڪر ادا ڪريون ۽ بارگاھِ مصطفٰي ۾ ايصالِ ثواب پيش ڪري دنيا ۽ آخرت جي برڪتن جون حقدار بڻجون۔

 صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                              صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

ڪثرت سان ذڪرِ حبيب ڪريو

   پياريون پياريون اسلامي ڀينرون!نبي ڪريم،رؤف رحيم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي محبت اسان جي ايمان جو بنياد آهي ۽ محبت جي هڪ نشاني اها آهي ته محبوب جو ڪثرت سان ذڪر ڪيو وڃي، روايت ۾ آهي: ”مَنْ اَحَبَّ شَيئًا اَڪثَرَ مِنْ ذِڪرِه“ يعني جيڪو ڪنهن سان محبت ڪندو آهي ان جو ڪثرت سان ذڪر ڪندو آهي۔ (جامع صغير، ص۵۰۷،حديث:۸۳۱۲)

                                                ائين ته اسان کي سڄو سال ئي آقا ڪريم، رؤف رحيم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو ذڪرِ خير ڪرڻ ۽ پنهنجي قول ۽ فعل جي ذريعي پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ سان محبت جو اظهار ڪرڻ گھرجي، پر خاص ڪري هي سلسلو هنن ڏينهن ۾ وڌيڪ هئڻ گهرجي ۽ ان ذڪر جو بهترين ذريعو نبي اڪرم، نورِ مجسم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ تي