Faizan-e-Rabi-ul-Awaal

Book Name:Faizan-e-Rabi-ul-Awaal

ہزار عید ہوں ایک ایک لَحظہ پر قُرباں                         خُوشی دلوں پہ وہ طاری ہے بارہویں تاریخ

ہمیشہ تُونے غلاموں کے دِل کئے ٹھنڈے                     جلے جو تجھ سے وہ ناری ہے بارہویں تاریخ

حسن ؔ وِلادتِ سرکار سے ہوا روشن                               مِرے خدا کو بھی پیاری ہے بارہویں تاریخ

(ذوقِ نعت،ص۱۲۱-۱۲۲)

                                                صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                               صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

     پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! اسان کي گھرجي ته شريعت جي دائري ۾ رهندي خُصوصي اهتمام سان هن ڏينهن (ٻارهين شريف) ۽ خاص ڪري سڄي ربيع الاول کي ئي نيڪ اعمال ۾ گذاريون، هن مقدس مهيني ۾ فرض نمازن سان گڏوگڏ نفل نمازن جو اهتمام ڪريون، ڪثرت سان تلاوتِ قرآن ڪريون، هن   خوب صدقو ۽ خيرات ڪريون،  اسلامي ڀينرن  کي نيڪي جي دعوت ڏئي گناهن کان بچائڻ جي ڪوشش ڪريون، دعوتِ اسلامي جي هفتيوار اِجتماع ۾ شرڪت ۽ خاص ڪري ربيع الاول شريف جي ابتدائي 12 ڏينهن ۾ ٿيڻ وارن مدني مذاڪرن کي ڏسڻ جي ڪوشش ڪريون۔ اچو! ربيع الاول شريف ۽ خاص ڪري ٻارهين تاريخ تي ٿيندڙ نيڪ عملن جي باري ۾ ٻڌون ٿيون۔

نفلي روزن جو اهتمام ڪريو

     پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! انهن ڏينهن ۾ نَفلي روزا رکڻ جو اهتمام ڪريو، ياد رکو! ساھ تي ڪوئي ڀروسو ناهي، خبر ناهي ڪڏهن اهي پساھ رُڪجي وڃن ۽ ان سان گڏ اسان جي عملن جو سِلسِلو بند ٿي وڃي۔ اسان کي نيڪين جو ڪو موقعو نه وڃڻ ڏيڻ گھرجي، الله ڪريم جي فَضل ۽ ڪرم سان زِندگي ۾ هڪ ڀيري ٻيهر ربيع الاول جو مُبارڪ مهينو اسان کي ڏسڻ نصيب ٿيو، ان جي هڪ هڪ ڏينهن جي قدر ڪندي خوب نيڪ اعمال ڪريو، ربِّ ڪريم جي رضا ۽ خوشنودي حاصل ڪرڻ، رحمتِ الٰهي جو حقدار بڻجڻ، بارگاھ مصطفٰي ۾ ايصالِ ثواب پيش ڪرڻ جي نيت سان جنهن سان ٿي سگهي هن مهيني جي پهرين تاريخ کان ٻارهين تاريخ تائين 12 نفلي روزا رکو، خاص ڪري ٻارهين جو ته روزو رکڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪريو، ڇوته حضور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ هر سومر شريف جو روزو رکي پنهنجو يومِ ولادت ملهائيندا هئا۔