Faizan-e-Rabi-ul-Awaal

Book Name:Faizan-e-Rabi-ul-Awaal

زيارت ٿي، رسول اڪرم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمائي رهيا هئا ته اسان تو کي پاڻ سان گڏ جنت ۾ وٺي وينداسين۔ (جواهرخمسه، ص ۲۱)

             پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! اسان کي به فرائض ۽ واجبات جي ادائيگي سان گڏوگڏ انهن نفلن کي ادا ڪرڻ گھرجي، ڇوته نفل نمازن جا بيشمار فائدا ۽ برڪتون آهن، ٭ نفلن جي برڪت سان خُدا جي عابد ٻانهن ۾ شمار ٿيندو آهي۔ ٭ نفلن جي برڪت سان ربِّ ڪريم جي محبت نصيب ٿيندي آهي۔ ٭ نفلن جي برڪت سان رِزق ۾ برڪت ٿيندي آهي۔ v نفلن جي برڪت سان دشمنن جي شر ۽ فساد کان حفاظت نصيب ٿيندي آهي۔ ٭ نفلن جي برڪت سان موت جي سختي کان حفاظت نصيب ٿيندي آهي۔ ٭ نفلن جي برڪت سان شيطان جي وسوسن کان حفاظت نصيب ٿيندي آهي۔ ٭ نفلن جي برڪت سان قبر روشن ۽ ڪشادي ٿيندي آهي۔ ٭ نفلن جي برڪت سان قبر جنت جي باغن مان هڪ باغ بڻجي ويندي آهي۔ ٭ نفلن جي برڪت سان قيامت جي پريشانين کان نجات حاصل ٿيندي آهي۔

عبادت میں گزرے مِری زندگانی

کرم ہو کرم یا خدا یاالٰہی

مسلماں ہے عطّارؔ تیری عطا سے

ہو ایمان پر خاتِمہ یاالٰہی

(وسائلِ بخش مرمم،ص۱۰۵)

 صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                              صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

مڪتوبِ عطار

   پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! اسان ربيع الاول ۾ ڪيا ويندڙ نيڪ عملن جي باري ۾ ٻڌي رهيون هيوسين، ياد رهي ربيع الاول جو ادب واحترام ڪرڻ هن ۾ نيڪ عملن جي ڪثرت ڪرڻ بيشمار اجرو ثواب جو سبب آهي۔ اچو! ربيعُ الاَوَّل ۾ وڌيڪ نيڪ عمل ڪرڻ جو ذهن بنائڻ جي لاءِ اَميرِ اَهلسنّت،