Faizan-e-Rabi-ul-Awaal

Book Name:Faizan-e-Rabi-ul-Awaal

فرحت ۽ خوشي ڪرڻ واري جي لاءِ اها خوشي، جهنَّم کان رُڪاوٽ بڻجندي۔ اي اُمَّتِ محبوب! توهان جي لاءِ خوشخبري آهي توهان دنيا ۽ آخرت ۾ ڪثير ڀلائين جا حقدار ٿيندا۔ حضرت سيدنا احمدِ مجتبي، محمدِ مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو جشنِ ولادت ملهائڻ واري کي برڪت، عزت، ڀلائي ۽ فخر ملندو، موتين وارو عمامو ۽ سبز حُلَّو پائي اهو جنت ۾ داخل ٿيندو، بي شُمار محل ان کي عطا ڪيا ويندا ۽ هر محل ۾ حُور هوندي۔ نبي خيرُ الاَنام صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ تي خوب دُرُود پڙھو، جشنِ ولادت ملهائي ان کي خُوب عام ڪيو وڃي۔ (مجموع لطيف النبي في صيغ المولد النبوي القدسي،مولد العروس،ص۲۸۱،ملتقطاً)

جشنِ ولادت ملهائڻ جو ثواب

حضرتِ سَيدُناشيخ عبدُالحق مُحَدِّث دِهلوي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: نبي ڪريم، رؤف رحيم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن جي ولادت جي رات خوشي ملهائڻ وارن جي جزا هي آهي ته الله تعاليٰ انهن کي فضل ۽ ڪرم سان جَنَّتُ النَّعِيم ۾ داخل فرمائيندو، مسلمان هميشه کان محفلِ ميلاد منعقد ڪندا آيا آهن ۽ ولادت جي خوشيءَ ۾ دعوت ڏيندا، کاڌا پچائيندا ۽ خوب صدقا ۽ خيراتون ڏيندا آيا آهن خوب خوشيءَ جو اظهار ڪندا آهن ۽ دل کولي خرچ ڪندا آهن ۽ سرڪارمدينه صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي ولادت با سعادت جي ذڪر جو اهتمام ڪندا آهن ۽ پنهنجن گهرن کي سينگاريندا آهن ۽ انهن تمام سٺن ڪمن جي برڪت سان انهن ماڻهن تي الله تعاليٰ جون برڪتون نازل ٿينديون آهن. (مَا ثَبَتَ با السُّنَّۃ،ص۱۵۵ ملتقطًا)

تنهنڪري اسان کي به کپي ته شريعت جي دائري ۾ رهندي خُصوصي اهتمام سان خُوشي خُوشي ان ڏينهن کي ملهايون، اجتماعِ ميلاد مُنعقد ڪيون، ان ڏينهن خُوب صدقو ۽ خيرات جي عادت بڻايون، اِنْ شَآءَ الله ان جون خوب خوب برڪتون ملنديون۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                               صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد  

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! بيان کي ختم ڪندي سنّت جي فضيلت ۽ ڪجھ سنّتون ۽ آداب بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪريان ٿي، تاجدار رسالت، شهنشاههِ نُبُوَّت، مصطفيٰ جانِ رحمت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فرمان جنّت نشان آهي: جنهن منهنجي سنّت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي ۽ جنهن مون