Faizan-e-Rabi-ul-Awaal

Book Name:Faizan-e-Rabi-ul-Awaal

٭ ڌِڪو وغيره لڳو ته صبر ڪندَس، گھوري ڏسڻ ۽ اَٽڪڻ کان بچندَس ٭ صَـلُّـوا عَلَي الحَبِيـب! اُذکُرُالله , تُوبُوا اِلَـي الله! وغيره ٻڌي ثواب ڪمائڻ ۽ صدا لڳائڻ واريءَ جي دِل جوئي جي لاءِ آهسته آواز سان جواب ڏيندَس ٭ بيان کان پوءِ پاڻ اڳتي وڌي سلام، مصافحو ۽ انفرادي ڪوشش ڪندَس۔دوران بيان موبائل جي غيرضروري استعمال کان بچندَس،نه بيان ريڪارڊ ڪندَس نه ئي ٻئي ڪنهن قسم جو آواز ڇو ته ان جي اجازت ناهي،جيڪو ڪجهه ٻُدَندَس،ان کي ٻڌي ۽ سمجهي ڪري ان تي عمل ڪرڻ ۽ ان کي بعد ۾ ٻين تائين پهچائي نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪندَس.

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب !                                                                                     صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! ربيع الاول اسلامي سال جو ٽيون مهينو آهي، اهو مهينو فضيلتن، سعادتن، رحمتن ۽ ربِّ ڪريم جي نعمتن جو مجموعو آهي، عاشقانِ رسول هن مبارڪ مهيني کي ماھِ ميلاد جي نالي سان به ياد ڪندا آهن، ڇوته اها پاڪ ذات جن کي الله ڪريم تمام جهانن جي لاءِ رحمت بڻائي موڪليو، جن جي خاطر ڪائنات کي سجايو ويو، اهو عظمتن وارو نبي، خاتَمُ النّبيينصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ انهيء مبارڪ مهيني ۾ دنيا ۾ تشريف فرما ٿيا، هن مهيني کي سڀئي فضيلتون، سعادتون ۽ برڪتون نبي ڪريم، رؤف رحيمصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي ولادت جي صدقي نصيب ٿيون، انهيء مناسبت سان اڄ جي بيان ۾ اسان ان مبارڪ مهيني جون فضيلتون ۽ برڪتون، بزرگ سڳورن جي ميلاد ملهائڻ جا واقعا، هن مهيني ۾ ڪيا ويندڙ نيڪ عمل ۽ اسان کي هن مهيني کي ڪهڙي انداز ۾ گذارڻ گھرجي؟ هن بابت نڪتا پڻ ٻڌنديوسين، الله پاڪ اسان کي سڄو بيان سٺين سٺين نيتن ۽ مڪمل توجھ سان ٻڌڻ جي توفيق نصيب فرمائي۔

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                     صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! ربيعُ الاول جي مهيني کي ايتريون فضيلتون ڇو مليون، حضرت امام زڪريا بن محمد بن محمود قزويني رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: هي اهو مبارڪ مهينو آهي جنهن ۾ الله پاڪ حضور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ