Faizan-e-Rabi-ul-Awaal

Book Name:Faizan-e-Rabi-ul-Awaal

ڪنديون آهيون، سيلفيون ٺاهن ٿا، هيڏانهن هوڏانهن جون ڳالهيون ڪندي اهو وقت گذارينديون آهيون، نه پاڻ توجھ سان بيان ٻڌنديون آهيون نه ٻين کي بيان ٻڌڻ ڏينديون آهيون، نه اسان جو ڌيان بيان ڪرڻ واريءَ ڏانهن هوندو آهي نه ٻين جو ڌيان برقرار رهڻ ڏينديون آهيون، ڪڏهن بيان ڪرڻ واريءَ جي ته ڪڏهن محفل ميلاد ڪرائڻ وارين جون غيبتون ڪنديون آهيون، ڪڏهن محفل جي اهتمام تي اعتراض ڪري گناهن ۽ محرومين جو ٻوجھ پنهنجي مٿي تي کڻي نظر اينديون آهيون، جڏهن ته

   صحابه ڪرام عَلَيهمُ الرِّضْوَان حضور نبي رحمت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي محفل ۾ هوندا ها ته ايتري قدر توجھ سان ٻڌندا ها جو انهن جي مٿي تي پکي ويهي رهندا هئا، پر انهن کي خبر نه پوندي هئي، ٻي پاسي اسان مان ڪجھ آهيون جو انهيء آقا جي اوصاف و ڪمالات کي غور سان نٿيون ٻڌون، نه ئي پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ  جو نالو ٻڌي درود پڙھنديون آهيون۔ اسان کي گھرجي ته جڏهن به سنتن ڀري اجتماع يا مدني مذاڪري ۾ حاضري جي سعادت ملي ته باادب انداز ۾ توجھ سان ٻڌڻ جي عادت بڻايون۔ اچو! ترغيب جي لاءِ هڪ واقعو ٻڌون ٿيون: جيئن

خليفهءِ مفتيءِ اعظم هند، محدثِ اعظم حجاز حضرت شيخ سيد محمد بن علوي مالڪيرَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه نقل ڪن ٿا: منهنجي والد حضرت سَيد عباس مالڪيرَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه ٻڌايو: آئون بيتُ المقدس ۾ ٻارهين شريف جي رات محفلِ ميلاد ۾ شريڪ هئس، مون ڏٺو ته هڪ پوڙهو شخص ابتداء کان وٺي آخر تائين انتهائي ادب ۽ احترام سان بيهي محفل ميلاد ۾ شريڪ هو، جڏهن ڪنهن سڄي محفل بيهي ٻڌڻ جو سبب پڇو ته ان ٻڌايو ته هو نبي ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو ذڪرِ خير ٻڌڻ وقت تعظيم طور بيهڻ کي بدعتِ سيئه (برو عمل) سمجھندو هيو۔ هڪ ڏينهن خواب ۾ ڏٺو ته هو هڪ تمام وڏي اجتماع ۾ شريڪ آهي ۽ ماڻهو نبي ڪريم، روفٌ رَّحيم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو استقبال ڪرڻ جي لاءِ بيٺا آهن، جڏهن نبي ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي آمد ٿي ته تمام ماڻهن اِنتهائي ادب ۽ اِحتِرام سان حُضُور جو استقبال ڪيو، پر اهو سندن جي تعظيم ۾ بيٺو نه هو، نبي ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ان کي فرمايو: ”تون هاڻي بيهي نه سگھندين“جڏهن ان جي اک کلي ته ان ڏٺو ته اهو ان وقت به ويٺل آهي۔ ان پريشاني ۾ هڪ سال گُذري ويو پر