Faizan-e-Rabi-ul-Awaal

Book Name:Faizan-e-Rabi-ul-Awaal

اَولاد وغيره سڀ کان بهتر آهي جو ان خُوشي جو نَفعو شخصي ناهي بلڪ قومي آهي۔ وَقتي ناهي بلڪ دائِمي آهي۔ صرف دُنيا ۾ نه بلڪ دِين ۽ دُنيا ٻنهي ۾ آهي۔ جِسماني ناهي بلڪ دِلي ۽ رُوحاني آهي۔ برباد ناهي بلڪ ان تي ثَواب آهي۔ (تفسيرِ نعيمي ،پ۱۱،يونس،تحت الآية:۵۸،۱۱/۳۷۸ملخصاً)

 

    پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! معلوم ٿيو ته ربيع الاول ۽ خاص ڪري هن مبارڪ مهيني جي ٻارهين تاريخ وڏي عظمت ۽ برڪت ڀري آهي، ڇوته انهيء ٻارهين تاريخ تي ڪفر ۽ شرڪ جون سڀئي ظلمتون ختم ٿي ويون، انهيءَ ٻارهين تاريخ تي هر پاسي روشني ئي روشني ٿي وئي، انهيءَ ٻارهين تاريخ تي هر طرف خوشي ڇائنجي وئي، انهيءَ ٻارهين تاريخ جبريلِ امين عَلَيه السَّلام ڪعبي جي ڇت تي جھنڊو لڳايو، انهيء ٻارهين تاريخ تي اِيران جي بادشاھ ڪسريٰ جي محل تي زلزلو آيو، انهيء ٻارهين تاريخ تي ان جي محل ۾ ڏار پئجي ويا، انهيء ٻارهين تاريخ تي هڪ هزار سال کان ٻرندڙ آتش ڪدو خود بخود وسامي ويو۔ انهيء ٻارهين تاريخ تي الله پاڪ جي حڪم سان آسمان ۽ جنّت جا دروازا کوليا ويا هئا۔ انهيء ٻارهين تاريخ تي شيطان جو منهن ڪارو ٿي ويو ۽ هي ئي اها ٻارهين تاريخ آهي جيڪا عاشقانِ  رسول جي لاءِ عيدن جي عيد آهي. هي ئي اها ٻارهين تاريخ آهي جيڪا شبِ قدر کان به افضل ترين آهي، جيئن

حضرتِ شيخ عبدُالحق مُحَدِّث دِهلويرَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: بيشڪ سرورِ عالم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي ولادت واري رات شب قدر کان به افضل آهي، ڇو ته ولادت واري رات سرڪارِ مدينه صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي هن دنيا ۾ جلوه گر ٿيڻ جي رات آهي، جڏهن ته شب قدر سرڪار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي عطا ڪيل رات آهي ۽ جيڪا رات ذات مقدس صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي ظهور جي ڪري مشرف ٿئي اها رات ان رات کان وڌيڪ شرف ۽ عزت واري آهي جيڪا ملائڪن جي نازل ٿيڻ سبب مُشرَّف آهي۔ (مَا ثَبَتَ بِا لسُّنّة،ص۱۵۳ )

سَحابِ رحمتِ باری ہے بارہویں تاریخ                         کرم کا چشمۂ جاری ہے بارہویں تاریخ

ہمیں تو جان سے پیاری ہے بارہویں تاریخ                   عَدو کے دِل کو کَٹاری ہے بارہویں تاریخ