Book Name:Faizan Rabi-ul-Akhir

(2)   ارشاد فرمايائون: روزيدار جو هر وار ان جي لاءِ تسبيح ڪندو آهي، قيامت جي ڏينهن عرش جي هيٺان روزيدارن جي لاءِ موتين ۽ جواهر سان جَڙيل سون جو اهڙو دستر خوان وڇايو ويندو جيڪو دنيا جي احاطي جي برابر هوندو، ان تي طرحين طرحين جا جنّتي کاڌا، مشروب ۽ ميوا هوندا اهي کائيندا پيئندا ۽ عيش و عشرت ۾ هوندا جڏهن ته ماڻهو سخت حساب ۾ هوندا۔ (فردوس الاخبار، ۵/۴۹۰، حديث:۸۸۵۳)

(3)   ارشاد فرمايائون: قيامت جي ڏينهن روزيدار قبرن مان نڪرندا ته اهي روزي جي بوء کان سڃاتا ويندا انهن جي لاءِ دسترخوان ۽ پاڻي جا ڪوزا رکيا ويندا جن تي مُشڪ سان مهر هوندي انهن کــي چيو ويندو کائـو ڪالهه تـوهـــان بُکايل هئا، پيئو ڪالهه توهان اُڃايل هئا، آرام ڪريو ڪالهه توهان ٿڪيل هئا پوءِ اهي کائيندا ۽ آرام ڪندا جڏهن ته ماڻهو حساب جي تڪليف ۽ اڃ ۾ مبتلا هوندا۔ (ڪنزالعمال،۸/۳۱۳،حديث:۲۳۶۳۹ )

روزہ داروں کے واسطے واللہ

مغفرت کی نوید ہوتی ہے

(وسائلِ بخشش مُرمَّم،ص۷۰۷)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

      پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! ربيع الآخر جي برڪتن کي ماڻڻ جي لاءِ جهڙي طرح نفل روزا رکڻ سعادت جو سبب آهي اهڙي طرح نفلي نمازن جي ذريعي به اسان هن مهيني جي برڪتن کي آساني سان ماڻي سگھون ٿيون۔ اسان کي گهرجي ته هن مهيني ۾ به اسان خوب خوب نفل ادا ڪريون، اشراق و چاشت پڙهون، انهن جا فضائل به وڏا عاليشان آهن، اچو انهن جي فضائل تي مشتمل 3 فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ  ٻڌون ٿيون:

(1) ارشاد فرمايائون”جيڪو فجر جي نماز جماعت سان پڙهي ڪري ذڪرِ خدا ڪندو رهي، ايسيتائين جو آفتاب بلند ٿي وڃي، پوءِ ٻه رڪعتون پڙهي ته ان