Book Name:Faizan Rabi-ul-Akhir

جيلاني رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه سان نسبت آهي ڇوته هن مهيني جي يارهين تاريخ تي پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو وصال ٿيو هو۔ (مرآۃ الاسرار(مترجم)،ص۵۷۱۔ تاريخ مشائخ قادريه، ۱/۱۷۱) ان ڪري اسلامي ڀينرون حضورِ غوثِ اعظم رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي روح کي ثواب پهچائڻ جي لاءِ نذرو نياز ڪنديون آهن۔ انهيء مناسبت سان هن مهيني کي ”يارهين شريف“ جو مهينو به چيو ويندو آهي۔

يارهين شريف ڇا آهي؟

          بهارِ شريعت جا مُصَنِّف حضرت علامه مولانا مفتي محمد امجد علي اعظمي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: رَبيعُ الْآخِر جي يارهين تاريخ بلڪ هر مهيني جي يارهين تي حُضور غوثِ اعظم رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي فاتحه ڏياري ويندي آهي، اها به ايصالِ ثواب جي هڪ صورت آهي بلڪ غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي جڏهن به فاتحه ٿيندي آهي چاهي ڪهڙي تاريخ ۾ ٿئي، عوام ان کي يارهين جي فاتحه چوندو آهي۔ (بهار شريعت، حصه ۱۶، ۳/۶۴۴)

يارهين شريف جي برڪت

            حڪيمُ الاُمّت حضرت مفتي احمد يار خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: هن مهيني ۾ هر مسلمان پنهنجي گھر ۾ حضور غوثِ پاڪ سرڪارِ بغداد رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي فاتحه ڪري۔ سڄي سال تائين گھڻي برڪت رهندي۔ (اسلامي زندگي،ص۱۳۳)

يارهوين شريف ايصالِ ثواب جي هڪ صورت آهي، هن جي وڌيڪ معلومات حاصل ڪرڻ چاهيو ته اميراهلسنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـه جي رسالي” فاتحه ۽ ايصالِ ثواب“ جو مطالعو ڪيو.

روزيءَ ۾ برڪت جو نسخو

          اميرِ اهلسنّت حضرت علامه مولانا محمد الياس عطار قادري دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـه فرمائن ٿا: واپاري پنهنجي روزانو جي وِڪري (Sale) جو هڪ فيصد جڏهن ته پگھاروارو پنهنجي هر پگھار جي رقم مان گھٽ ۾ گھٽ ٻه فيصد ڪڍي ۽ ماهانه يارهين شريف جي نيازڪري ته اِنْ شَــآءَالـلّٰـه اُن جي روزي ۾ بَرَڪت ٿيندي۔ (جيڪڏهن گھر ۾ نياز ڪرڻ ۾ رُڪاوٽ هجي ته ڪنهن به نيڪ ڪم ۾ اها رقم خرچ ڪريو) (ماهنامه فيضانِ مدينه، رَبيعُ الْآخِر ۱۴۴۰ھ،ٹائٹل پيج)