Book Name:Faizan Rabi-ul-Akhir

ورتو ويندو۔ (ابوداود،ڪتاب الصلاة،باب قول النبي ڪل صلاة۔۔۔الخ،۱/۳۲۹،حديث: ۸۶۴، ۸۶۶)

حڪيمُ الاُمّت حضرت مفتي احمد يار خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه حديثِ پاڪ جي هن حصي ”فرضن کي نفلن جي ذريعي پورو ڪري ڇڏيو“ جي شرح ۾ فرمائن ٿا: هتي ڪمي مان ادا ۾ ڪمي مراد ناهي بلڪ ادا جي طريقي ۾ ڪمي مراد آهي يعني جيڪڏهن ڪنهن فرض ناقص طريقي سان ادا ڪيا هوندا ته اها ڪمي نفلن سان پوري ڪئي ويندي۔ اهو مطلب ناهي ته اهو ٻانهو فرض نماز نه پڙھي نفل پڙھندو رهي ۽ اتي نفل فرض بڻجي ويندا۔ (مرآۃ المناجيح،۲/۳۰۷)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! بيان کي ختم ڪندي سنّت جي فضيلت ۽ ڪجھ سنّتون ۽ آداب بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪيان ٿي، تاجدار رسالت، شهنشاههِ نُبُوَّت، مصطفيٰ جانِ رحمت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فرمان جنّت نشان آهي: جنهن منهنجي سنّت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي ۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو. ([1])

سنتیں عام کریں دِین کا ہم کام کریں                                         نیک ہوجائیں مسلمان مدینے والے

 خوشبو جون سنتون ۽ آداب

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! اچو! خوشبو جي سنتن ۽ آداب جي باري ۾ ڪجھ نُڪتا ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪريون ٿيون۔ پهريان فرمانِ مُصطَفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ملاحظه ڪريو: چار شيون نبين جي سُنّت ۾ داخل آهن: نڪاح، مسواڪ، حيا ۽ خوشبو لڳائڻ۔ (مشڪاةالمصابيح، ڪتاب الطهارة، باب السواڪ،۱/۸۸، حديث:۳۸۲) ٭ پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ خوشبو جو تحفو رد نه ڪندا هئا۔ (سنتيں اور آداب ص۸۵) ٭ نَماز ۾ ربّ سان مُناجات آهي ته ان جي لاءِ زينت ڪرڻ عطر لڳائڻ مُستَحب آهي۔ (نيڪي ڪي دعوت، ص۲۰۷) ٭ پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ هميشه عمده خوشبو استعمال ڪندا هئا ۽ ان جي ٻين ماڻهن کي به تلقين ڪندا هئا۔ (سنتيں اور آداب ص۸۳) ٭ ناخوشگوار بو يعني بدبو پاڻ سڳورا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ناپسند ڪندا هئا۔ (سنتيں اور آداب ص۸۳) ٭ عورتن جي لاءِ مهڪ جي منع هن صورت ۾ آهي جڏهن ته اها خوشبو اجنبي مردن تائين پهچي، جيڪڏهن اهي گھر ۾ عطر لڳائن جنهن جي خوشبو خاوند يا اولاد، ماءُ


 

 



[1]مشکاۃ الصابیح،کتاب الایمان،باب الاعتصام بالکتاب والسنۃ،۱/۹۷،حدیث:۱۷۵