Book Name:Faizan Rabi-ul-Akhir

کي حج ۽ عمري جو ثواب ملندو.“ (ترمذی،ابواب السفر،باب ما ذکر مما يستحب من الجلوس... الخ، ۲/۱۰۰،  حديث ۵۸۶)

(2) ارشاد فرمايائون:”جنهن چاشت جون 12 رڪعتون پڙهيون، الله پاڪ ان لاءِ جنت ۾ سون جا محل بڻائيندو. (ترمذی، ابواب الوتر، باب ماجاء في صلاۃ الضحٰی،۲/۱۷، حدیث: ۴۷۲)

(3) ارشاد فرمايائون: ”جيڪو شخص فجر کانپوءِ چاشت جون ٻه رڪعتون ادا ڪرڻ تائين پنهنجي جڳھ ويٺو رهي ۽ ڀلائي کان علاوه ڪا ڳالھ نه چئي، ان جون خطائون معاف ڪيون وينديون، توڙي جو سمنڊ جي جهڳ کان وڌيڪ هجن.“ (مسند احمد ، مسند المکیین ، ۵/۲۶۰، حدیث ۱۵۶۲۳)

انهيءَ طرح هن مبارڪ مهيني ۾ اها به ڪوشش ڪرڻ گهرجي ته اسان اوَّابين جا نفل پڙهون. هن ۾ جيڪڏهن سُستي آهي ته ثوابِ آخرت کي پيش نظر رکندي سُستي کي چُستي ۾ بدلڻ جي ڪوشش ڪريون.

    زهي قسمت ته هن مهيني جون برڪتون ميڙڻ لاءِ اسان تهجد پڙهڻ واريون به بڻجي وڃون. اچو تهجد جي فضليت تي 1 فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ٻڌون ٿيون:

ارشاد فرمايائون: فرض نماز کانپوءِ سڀ کان افضل نماز رات جو پڙهي ويندڙ نماز آهي. ۔  (مسلم ،کتا ب الصیام ، با ب فضل صوم المحرم ،۱/ ۵۹۱، حدیث:۱۱۶۳)

 

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! الله ڪريم جي رضا ماڻڻ جي لاءِ نفل ادا ڪرڻ تمام وڏي سعادت جي ڳالھ آهي، ربِّ ڪريم جو قرب حاصل ڪرڻ جي لاءِ فرض ۽ واجبات سان گڏوگڏ نفلن جي به ذوق وشوق سان ادائيگي ڪرڻ هر ڏينهن ۽ هر مهيني ۾ پسنديده آهي۔ اسان جي پياري آقا مديني واري داتا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ نفل ادا ڪرڻ جي به ترغيب ڏياري آهي ۽ ان تي اجر ۽ ثواب جي خوشخبري به ارشاد فرمائي آهي، جيئن

فرضن کي نفلن سان پورو ڪريو

   نبي ڪريم، محبوبِ ربِّ عظيم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن ارشاد فرمايو: سڀ کان پهريان قيامت جي ڏينهن ٻانهي کان ان جي نماز جو حساب ورتو ويندو، جيڪڏهن اها ڪامل آهي ته ڪامل لکي ويندي، ۽ جيڪڏهن مڪمل نه ٿي ته الله پاڪ ملائڪن کي فرمائيندو: ڇا منهنجي ٻانهي وٽ ڪجھ نفل آهن؟ جيڪڏهن ان وٽ نفل آهن ته الله ڪريم فرمائيندو: ان جي فرضن کي نفلن جي ذريعي پورو ڪري ڇڏيو۔ پوءِ اهڙي طرح زڪوٰۃ ۽ ٻين عملن جو حساب