Book Name:Faizan Rabi-ul-Akhir

پيءُ تائين ئي پهچي ته حرج ناهي۔ (سنتيں اور آداب ص۸۵) ٭ اسلامي ڀينرن کي اهڙي خوشبو نه لڳائڻ گھرجي جنهن جي خوشبو اُڏامي غير مردن تائين پهچي وڃي. (سنتيں اور آداب ص۸۶) ٭ فرمايائون: عورت جڏهن خوشبو لڳائي ڪنهن مجلس وٽان گذرندي آهي ته اها اهڙي ۽ اهڙي آهي يعني بدڪاره آهي۔ (جامع الترمذي ،ڪتاب الادب ،باب ما جآء في ڪراهية خروج المرأةمتعطرة،۴ /۳۶۱، حديث: ۲۷۹۵)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

طرح طرح جون هزارين سنتون سکڻ جي لاءِ مڪتبة المدينه جي شايع ٿيل ڪتاب 312 صفحن تي مشتمل ڪتاب ”بهار شريعت“ حصو 16 ۽ 120 صفحن جو ڪتاب “سنتیںاورآداب” هديو ڏئي حاصل ڪيو ۽ پڙهوـ

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                        صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

ايندڙ هفتيواراجتماع جي بيان جون جھلڪيون

      پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! اِنْ شَــآءَالـلّٰـه! آئنده هفتيوار اِجتماع جو موضوع هوندو: ”ڇا ڳالھ ڪجي غوثِ اعظم جي“۔ هن بيان ۾ اِنْ شَــآءَالـلّٰـه ان هستي جو ذِڪرِ خَير، فضائل ۽ ڪرامات، اوصاف ۽ مختصر تعارف (Introduction) ٻڌنديون سين، جن کي دُنيا ”غَوْثِ اَعْظَم“ جي لقب سان سڃاڻي ٿي۔

لهٰذا! آئنده اربع به اجتماع ۾ حاضري جي نيت ڪريو، نه صرف پاڻ اچڻ جي بلڪ اِنفرادي ڪوشش ڪري ٻين کي به گڏ آڻڻ جي نيت ڪريو ۽ هٿ کڻي چئو: اِنْ شَــآءَالـلّٰـه 

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد