Book Name:Faizan Rabi-ul-Akhir

زندگي ۾ نماز جو ڪيترو اهتمام ٿيندو هو اچو ٻڌون ٿا، جيئن

عشاء جي وضوءَ سان فجر جي نماز

هڪ بزرگ فرمائن ٿا: مان شيخ عبدالقادر جيلاني رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه  جي خدمتِ اقدس ۾ چاليھ(40) سال رهيس. مون ڏٺو ته پاڻ هميشه عشاء جي  وضوء سان فجر جي نماز پڙهندا ها. سندن جو معمول هئو ته جڏهن وضو ٽٽي پوندو هو ته جلدي مان وضو ڪري وٺندا ها ۽ ٻه رڪعتون نماز تحيّة الوضو ادا ڪندا ها ۽ رات جو عشاء جي نماز پڙهي پنهنجي مخصوص ڪمري ۾ داخل ٿي ويندا ها ۽ صبح جي نماز جي وقت انهيءَ ڪمري مان نڪرندا ها. (قلائد الجواھر،ص۷۶ملخصاً)

سبحٰن الله! حضور غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه کي نماز سان ڪيتري محبت هئي. اي ڪاش! اسان کي به غوثِ پاڪ جي صدقي نمازن جي پابندي نصيب ٿي وڃي ۽ فرائض سان گڏوگڏ نفل نماز جون به عادي ٿي وڃون.

روزانو هڪ هزار نفل

ياد رهي! اسان جا غوثِ اعظم روزانو هڪ هزار نفل پڙهندا ها. (تفریح الخاطر، ص۴۵)

اميراهلسنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـه پنهنجي رسالي”سانپ نُما جن“ ۾ اها حڪايت نقل ڪن ٿا ته حضور غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: هڪ ڀيري مان”جامع منصور“ ۾ نماز پڙهي رهيو هيس ته هڪ نانگ اچي پهتو. ان منهنجي سجدي واري جاءِ تي مٿو رکي پنهنجو وات کولي ڇڏيو. مون ان کي هٽائي سجدو ڪيو پر اهو منهنجي گردن سان چنبڙي پيو. پوءِ اهو منهنجي هڪ ٻانهن ۾ گهڙيو ۽ ٻئي  مان نڪتو. نماز مڪمل ڪرڻ کان پوءِ جڏهن مون سلام ورايو ته اهو غائب ٿي ويو. ٻئي ڏينهن مان وري انهيءَ مسجد ۾ داخل ٿيس ته مونکي هڪ وڏين وڏين اکين وارو ماڻهو نظر آيو، مون ان کي ڏسي اندازو ڪري ورتو ته هي شخص انسان ناهي بلڪ جن آهي. اهو جن مونکي چوڻ لڳو: مان توکي تنگ ڪرڻ وارو اهو ئي جن آهيان. مان نانگ جي صورت ۾ ڪيترن ئي ولين کي آزمايو آهي، پر اوهان جيان ٻئي ڪنهن کي به ثابت قدم نه ڏٺو. پوءِ جن پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي دست مبارڪ تي تائب ٿيو.( بَھجۃ الاسرار،ص،۱۶۹)

الله پاڪ اسان کي حضور غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي سيرت تي هلڻ جي توفيق عطا فرمائي.

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! اسان ربيع الآخر جي باري ۾ ٻڌي رهيون هيون سين، حضرت شاھ ڪليمُ الله جهان آبادي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: جيڪو هن مهيني (يعني رَبيعُ الْآخِر) جي ڇهين، ٻارهين، ويهين ۽ ڇهويهين تاريخ جو روزو