Book Name:Faizan Rabi-ul-Akhir

14 تاريخ تي اُمُّ الۡمؤمنين حضرت زينب بنتِ خزيمه رَضِیَ اللهُ عَنْهَا جو وصال ٿيو، اچو! انهيءَ مناسبت سان سندن جي پاڪيزه سيرت جون ڪجھ جهلڪيون ملاحظه ڪيو: ٭ پاڻ رَضِیَ اللهُ عَنْهَا جو نالو  زينب آهي. (تہذیب اللغہ، ۱۳/۲۳۰). ٭پاڻ رَضِیَ اللهُ عَنْهَا جا والد خزيمہ بن حارث آهن. ٭پاڻ رَضِیَ اللهُ عَنْهَا حضرت عبدالله بن جحش جي شهادت کانپوءِ حضُورِ اقدس صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي زوجيت جو شرف ماڻيو ۽ اُمُّ المؤمنين يعني مؤمنن جي ماءُ جي بلند مقام تي فائز ٿيون. (طبقات ابن سعد،۸/۹۱) ٭ پاڻ رَضِیَ اللهُ عَنْهَا  تمام گهڻيون سخي هيون، ٭ پاڻ رَضِیَ اللهُ عَنْهَا يتيمن، مسڪينن سان مهرباني ۽ شفقت سان پيش اچڻ ۽ انهن کي ڪثرت سان کاڌو کارائڻ جي باعث اُمُّ الۡمساڪين يعني مسڪينن جي ماءُ جي لقب سان مشهور ٿيون. ٭ سندن جو وصال پياري آقا ڪريم، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي زوجيت ۾ اچڻ جي فقط 8 مهينن کانپوءِ ئي ربيع الآخر چار هجري تي مديني شريف ۾ ٿيو. ٭ سندن جي عمر مبارڪ ان وقت 30 سال هئي. (زرقانی علی المواھب،۴/۴۱۸) ٭ پاڻ رَضِیَ اللهُ عَنْهَاجي جنازي نماز سرور ڪائنات، فخرموجودات صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم پڙهائي ۽ پنهنجي پياري هٿن سان دفن به ڪيو. (طبقات ابن سعد،۸/۹۲) سندن جو مزار مبارڪ جنت البقيع شريف ۾ موجود آهي. (ایضاً، ۸/۹۲)

رَبيعُ الآخِر جي مهيني کي رَبيعُ الآخِر چوڻ جو سبب

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! اسلامي سال جو چوٿون مهينو رَبيعُ الآخِر آهي ۽ جڏهن اسلامي مهينن جا نالا رکيا ويا تڏهن رَبيعُ الآخِر جو مهينو موسمِ بهار جي آخر ۾ ايندو هو، تنهنڪري ان کي رَبيعُ الْآخِر جو نالو ڏنو ويو۔ (غياث اللغات، باب رائے مهمله، ص۲۹۵)

  اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه! رَبيعُ الْآخِر کي سرڪارِ بغداد، حضور غوثِ پاڪ شيخ عبد القادر جيلاني رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه سان خاص نسبت آهي يقيناً پاڻ الله ڪريم جا نيڪ ٻانها، مقبول ترين ولي بلڪ تمام ولين جا سردار آهن، ۽ حضرت سُفيان بن عُيَينہ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: عِنْدَ ذِڪرِ الصَّالِحِينَ تَنْزِلُ الرَّحْمَةُ يعني نيڪ ماڻهن جي ذِڪر جي وقت رَحمت نازل ٿيندي آهي۔ (حليۃ الاولياء،رقم:۱۰۷۵۰،۷/ ۳۳۵) تنهنڪري اڄ اسان به رَبيعُ الآخِر سان مناسبت ۽ حضور غوثِ پاڪ جو ذڪرِ خير ڪري الله پاڪ جون رحمتون لُٽڻ جي سعادت حاصل ڪيون ٿيون۔ اچو! پهريان حضور غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو مختصر تعارف ٻڌون ٿيون.