Book Name:Faizan Rabi-ul-Akhir

بيان ٻڌڻ جون نِيَّتون

٭ نگاهون جھڪائي پوري توجھ سان بيان ٻڌندَس ٭ ٽيڪ لڳائي ويهڻ بدران علمِ دين جي تعظيم خاطر جيترو ٿي سگهيو ٻئي گوڏا وڇائي ويهندَس ٭ ضرورت پوڻ تي ٻين اسلامي ڀينرن جي لاءِ سِرڪي جاءِ ڪشاده ڪندَس ٭ ڌِڪو وغيره لڳو ته صبر ڪندَس، گھوري ڏسڻ ۽ اَٽڪڻ کان بچندَس ٭ صَـلُّـوا عَلَي الحَبِيـب! اُذکُرُالله , تُوبُوا اِلَـي الله! وغيره ٻڌي ثواب ڪمائڻ ۽ صدا لڳائڻ واريءَ جي دِل جوئي جي لاءِ آهسته آواز سان جواب ڏيندَس ٭ بيان کان پوءِ پاڻ اڳتي وڌي سلام، مصافحو ۽ انفرادي ڪوشش ڪندَس۔دوران بيان موبائل جي غيرضروري استعمال کان بچندَس،نه بيان ريڪارڊ ڪندَس نه ئي ٻئي ڪنهن قسم جو آواز ڇو ته ان جي اجازت ناهي،جيڪو ڪجهه ٻُدَندَس،ان کي ٻڌي ۽ سمجهي ڪري ان تي عمل ڪرڻ ۽ ان کي بعد ۾ ٻين تائين پهچائي نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪندَس۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

      پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! اڄ جي بيان جو موضوع آهي ”فيضانِ رَبيعُ الْآخِر“ جنهن ۾ اُمُ المومنين حضرت زينب بنتِ خزيمہ رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهَا جو ذڪرِ خير ٻڌنديون سين، حُضور غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي ايثار تي مشتمل هڪ ايمان افروز واقعو ۽ سندن جي سيرت جون ڪجھ جھلڪيون بيان ٿينديون، رَبِيۡعُ الْآخِر کي ڪهڙي نموني گذارڻ گھرجي، بزرگانِ دين رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡهِم هن مهيني جي مناسبت سان ڪهڙين عبادتن جو ذڪر فرمايو آهي اهو به ٻڌنديون سين۔ آخر ۾ اِنْ شَــآءَالـلّٰـه  رَبيعُ الْآخِر ۽ حضور غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي نسبت سان يارهين جي تعريف ۽ برڪتون به بيان ٿينديون۔ ان کان علاوه ٻيا به کوڙ اَهم نڪتا (Points) اسان ٻڌنديون سين۔ اي ڪاش! اسان کي سڄو بيان سٺين سٺين نيتن سان ٻڌڻ جي سعادت نصيب ٿي وڃي۔ آمِين بِجَاه النَّبِي الْاَمِينْ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ

امُّ المؤمنين حضرت زينب بنتِ خزيمه رَضِیَ اللهُ عَنْهَا   

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! ماھ ربيع الآخر اهو عظيم مهينو آهي جنهن جي