Book Name:Faizan Rabi-ul-Akhir

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! ٻڌو اوهان! اسان جا غوثِ پاڪ ڪيتري قدر بهترين خوبين وارا هئا۔ اي ڪاش! غوثِ پاڪ جي صدقي اسان جون عادتون (Habbits) به چڱيون ٿي وڃن، اي ڪاش! غوثِ پاڪ جي صدقي اسان جا اخلاق به سٺا ٿي وڃن، اي ڪاش! غوثِ پاڪ جي صدقي اسان به مدني انعامات تي عمل ڪرڻ واريون بڻجي وڃون، اي ڪاش! غوثِ پاڪ جي صدقي اسان کي به مخلوقِ خدا جي خير خواهي ڪرڻ وارو ذهن عطا ٿي وڃي، اي ڪاش! اسان به مهرباني، شفقت ۽ مهمان نوازي ڪرڻ واريون بڻجي وڃون، اي ڪاش! غوثِ پاڪ جي صدقي ربِّ ڪريم اسان کي به سخاوت ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي، اي ڪاش! غوثِ پاڪ جي صدقي اسان به حاجت مندن جون حاجتون پوريون ڪرڻ واريون بڻجي وڃون، اي ڪاش! غوثِ پاڪ جي صدقي اسان به غريب اسلامي ڀينرن تي شفقت ڪرڻ واريون بڻجي وڃون،  اي ڪاش! غوثِ پاڪ جي صدقي اسان کي به بيمار اسلامي ڀينرن جي عيادت ڪرڻ واري سوچ عطا ٿي وڃي، اي ڪاش! غوثِ پاڪ جي صدقي اسان کي به مدني ڪمن مثال طور سُنّتن ڀري اِجتماعات ۾ حاضري نه ڏيڻ وارين اسلامي ڀينرن جي خبرگيري جي توفيق ملي وڃي، اي ڪاش! غوثِ پاڪ جي صدقي اسان به پنهنجي اسلامي ڀينرن کي عزت ڏيڻ، انهن سان چڱي نموني پيش اچڻ ۽ انهن جي غمن کي دُور ڪرڻ واريون بڻجي وڃون، اي ڪاش! غوثِ پاڪ جي صدقي اسان به لنگرِ رضويه ۾ پنهنجي پاران خرچ ڪري اميرِ اهلسنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـه جي دعائن مان حصو وٺڻ واريون بڻجي وڃون، اي ڪاش! غوثِ پاڪ جي صدقي اسان به پنهنجي ذات جي خاطر اجايو غصو ڪرڻ کان بچڻ واريون بڻجي وڃون، اي ڪاش! غوثِ پاڪ جي صدقي اسان به پنهنجي زبان کي فضوليات کان بچائيندي ڏينهن جو اڪثر حصو خاموشي اختيار ڪرڻ واريون بڻجي وڃون، اي ڪاش! غوثِ پاڪ جي صدقي اسان به هر اسلامي ڀيڻ کي سلام ڪرڻ واريون  بڻجي وڃون،

 صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                        صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! رَبيعُ الْآخِر جو مهينو جاري ۽ ساري آهي۔

رَبيعُ الآخِر ”يارهين جو مهينو  آهي“

            رَبيعُ الْآخِر کي سرڪارِ بغداد، حضورِ غوثِ پاڪ شيخ عبد القادر