Book Name:Faizan Rabi-ul-Akhir

غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو مختصر تعارف

حضور غَوثُ الاَعظَم شيخ عبدُالقادِر جِيلاني رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي وِلادَتِ باسَعادَت پهرين رَمَضان ۴۷۰ھ جُمعَةُ المُبارَڪ جو جِيلان ۾ ٿي۔ سندن ڪُنيت ابُومحّمد آهي جڏهن ته مُحِي الدِّين، مَحبوبِ سُبحاني، غَوثِ اَعظم، غَوثِ ثَقَلَين وغيره سندن لقب آهن۔ پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي والِدِ مُحتَرم جو نالو حضرت سَيدُنا ابُو صالِح مُوسيٰ جَنگي دوست ۽ والِده مُحتَرَمَه جو نالو اُمُّ الخَير فَاطِمَه رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْهَا آهي، پاڻ والِدِ محترم جي طرف کان حَسَنِي ۽ امڙ سائڻ جي طرفان حُسَينِي سَيد آهن۔ حضرتِ ابنِ جوزي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: حضرت سَيدُنا شَيخ عبدُ القادِر جِيلاني رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه ۱۱رَبِيعُ الآخِر ۵۶۱ھ هجري ۾ مَغرِب نماز کان پوءِ بَغداد شريف ۾ وِصال فرمايو، وِصال مهل سندن عُمر شريف تَقرِيباً 91 سال هئي، جَنازي نماز شهزاده غَوثِ اَعظم حضرت سَيدُنا سَيفُ الدِّين عبدُالوهاب قادِرِي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه پڙھائي ۽ بيشمار ماڻهن جَنازي ۾ شِرڪت ڪئي۔ پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو مَزارِ پُراَنوار عِرَاق جي مَشهور شهر بَغداد شريف ۾ آهي جتي ڏينهن رات زَائِرِين جو هجُوم رهندو آهي۔ (الزيل علي طبقات الحنابلۃ،۳/ ۲۵۱)

 صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                 صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

 پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! پهريان حضور غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي اِيثار واري جذبي تي مشتمل هڪ ايمان افروز حڪايت ٻڌون ٿيون.

زمين مان چونڊي چونڊي ٽڪرا کائڻ

حضرت شيخ عبد القادر جيلاني رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا؛ آءُ شهر ۾ جڏهن کائڻ جي ارادي سان ڪِريل ۽ هيٺ پيل ٽڪرا يا جهنگ جو ڪو گاهه يا ننڍا پن کڻڻ چاهيندو هيس ۽ ڏسندو هيس ته ٻيا فقير به ان جي ڳولا ۾ آهن ته پنهنجي اسلامي ڀائرن تي ايثار ڪندي نه کڻندو هيس بلڪ ايئن ئي ڇڏي ڏيندو هيس ته جيئن اهي کڻي وڃن ۽ مان پاڻ بُکارو رهندو هيس جڏهن بُک جي سبب ڪمزوري حد کان وڌي وئي ۽ آءُ قريب المرگ ٿي ويس ته گلن واري بازار مان هڪ کائڻ جي شيءِ جيڪا زمين تي پيل هئي اها مون کنئي ۽ هڪ ڪنڊ ۾