Safai Ki Ahammiyyat

Book Name:Safai Ki Ahammiyyat

(5)   ارشاد فرمايائون: کاڌي ۾ بَرَڪت جو ذريعو ان کان پهريان وضو ڪرڻ (يعني ٻئي هٿ ڪرائين تائين ڌوئڻ) آهي ۽ ان کان پوءِ (يعني کائڻ کان پوءِ) وضو ڪرڻ آهي۔ (ترمذي، كتاب الأطعمۃ، باب ماجاء في الوضوء…الخ ،۳/۳۳۴،حديث:۱۸۵۳ ملتقطاً)

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! هنن پنجن حديث سڳورين جو خلاصو هي آهي: کاڌي جو وضو محتاجيءَ کي پري ڪندو آهي٭ کاڌي جو وضو انبياء ڪرام جي سنت آهي٭ کاڌي جو وضو گهر ۾ خير کي وڌائيندو آهي٭ کاڌي جو وضو کاڌي کان پهريان هڪ نيڪي ۽ کاڌي کان پوءِ ٻه نيڪيو ڪرڻ آهي٭ کاڌي جو وضو شيطان کي پري ڪندو آهي٭ کاڌي جو وضو کاڌي ۾ برڪت جو ذريعو آهي٭ الله اسان کي عمل جي توفيق ڏي.

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! هتي اها ڳالھ ذهن نشين رهي ته کاڌي جي وُضو مان مُراد نَماز وارو وُضو ناهي بلڪ هن مان مراد ٻئي هٿ ڪَرائين تائين ۽ منهن جو اڳيون حصّو ڌوئڻ ۽ گرڙي ڪرڻ آهي۔حڪيمُ الامّت حضرت مفتي احمد يار خان نعيمي رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه جي هڪ تحرير جو خلاصو مدني گلن جي صورت ۾ هيءُ آهي: ٭ تَوريت شريف ۾ کاڌي کان اڳ ۾ ۽ بعد ۾ هٿ ڌوئڻ ۽ گرڙي ڪرڻ جو حڪم هو، پر قوم جي شريرن تحريف ڪري پهريان وارو مٽائي ڇڏيو ۽ کاڌي کان بعد هٿ ڌوئڻ کي باقي رکيو ٭ کاڌي کان پهريان هٿ منهن ڌوئڻ جو حڪم ان ڪري آهي جو هٿ منهن ڪم ڪار ۾ مصروفيت جي سبب ميرا ٿي ويندا آهن ٭ کاڌي کان پوءِ هٿ منهن ڌوئڻ جو حڪم ان ڪري آهي جو کائڻ کان بعد هٿ ۽ وات سڻڀا ٿي ويندا آهن ٭ کاڌو کائي ڪري گرڙي ڪرڻ واري ڏندن جي موذي مرض کان محفوظ رهندي ٭ (مرآة المناجيح، 6/32 ملخصًا)

کاڌي کان پهريان ۽ بعد هٿ منهن ڌوئڻ جا ڪيئي طبي فائده آهن. ٭ جيئن ماهرين جو چوڻ آهي ته پيٽ جا جراثيم گهڻي طور کاڌي پيتي جي دوران انساني جسم ۾ داخل ٿيندا آهن ٭ هٿ منهن نه ڌوئڻ جي سبب جلدي امراض پيٽ جا امراض ۽ ٻيون بيماريون پيدا ٿي سگهن ٿيون ٭ ڪڏهن ڪڏهن ٻين مريضن جي ٿڪڻ، نڇ ڏيڻ ۽ کنگڻ جي سبب بيمارين جا جراثيم اسان جي هٿن تي لڳي ويندا