Book Name:Safai Ki Ahammiyyat

(1)      ارشاد فرمايائون: اَلطُّهوْرُ نِصْفُ الْاِيمَانِ صفائي نصف ايمان آهي۔

(مسند احمد، مسند الڪوفيين،۶/۳۵۸،حديث:۱۸۳۱۵ملتقطاً)

(2)      ارشاد فرمايائون: بيشڪ اسلام صاف سٿرو (دين) آهي ته توهان به صفائي سُٿرائي حاصل ڪريو ڇوته جنت ۾ صاف سٿرو رهڻ وارو ئي داخل ٿيندو۔ (ڪنز العمال،كتاب الطهارة،الباب الاول في فضل الطهارۃ ،جز۹، ۵/۱۲۳،حديث:۲۵۹۹۶)

(3)      ارشاد فرمايائون: جيڪا شيء توهان کي ملي وڃي ان سان صفائي سُٿرائي حاصل ڪريو، الله ڪريم اسلام جو بنياد صفائي تي رکيو آهي ۽ جنت ۾ صاف سٿرا رهڻ وارا ئي داخل ٿيندا۔ (جمع الجوامع، ۴/۱۱۵،حديث: ۱۰۶۲۴)

(4)      ارشاد فرمايائون: جيڪو لباس توهان پايو ٿا ان کي صاف سٿرو رکو ۽ پنهنجي سوارين جي سار سنڀال ڪريو ۽ توهان جي ظاهري حالت اهڙي صاف سٿري هجي جو جڏهن ماڻهن ۾ وڃو ته اهي توهان جي عزت ڪن۔ (جامع صغير،ص۲۲، حديث: ۲۵۷)

حضرت علامه عبد الرؤف مُناوي رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: هن حديث ۾ هن ڳالھ ڏانهن اشارو آهي ته هر اها شيء جنهن سان انسان نفرت ۽ حقارت محسوس ڪري ان کان بچيو وڃي، خاص ڪري حڪمرانن ۽ عالم سڳورن کي انهن شين کان بچڻ گھرجي. ( فيض القدير،۱/۲۴۹، تحت الحديث: ۲۵۷ ملخصاً)

(5)      ارشاد فرمايائون: لازم آهي هر مسلمان تي ته هر ست ڏينهن ۾ هڪ ڏينهن غسل ڪري جنهن ۾ مٿي ۽ جسم کي ڌوئي۔ (بخاري،ڪتاب الجمعۃ، باب هل علي من لم يشهد…إلخ،۱/۳۱۰،حديث: ۸۹۷)

حڪيم الاُمّت حضرت مفتي احمد يار خان نعيمي رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: هتي هڪ ڏينهن مان مراد جمعي جو ڏينهن آهي۔ مطلب اهو آهي ته هفتي ۾ جمعي جي ڏينهن غسل ڪرڻ گھرجي ته جيئن بدن به صاف ٿي وڃي ۽ ڪپڙا به ۽ جمعي جي رش ۾ مسلمانن کي تڪليف نه ٿئي، ڇو ته مٿي ۾ جونء مَر وڌي ويندو آهي، ان ڪري خصوصيت سان ان جو ذڪر ڪيو ويو نه ته جسم ۾ اهو