Book Name:Andheri Qabar

هلندو هئين؟ ها جيڪڏهن اهو مُردو نيڪ هو ته هڪ غيبي آواز قَبر مان چوندي آهي: اي قَبر! جيڪڏهن هي انهن مان هجي جيڪي نيڪي جو حُڪم ڏيندا رهيا ۽ برائي کان منع ڪندا رهيا ته پوءِ تون ڪهڙو سُلوڪ ڪندينءَ؟ قَبر چوندي آهي: جيڪڏهن اها ڳالھ هجي ته مان ان جي لاءِ گلزار بڻجي ويندي آهيان۔ پوءِ ان شخص جو بدن نور ۾ تبديل ٿي ويندو آهي ۽ ان جو روح ربُّ العٰلمين جي بارگاھ ڏانهن پرواز ڪري ويندو آهي۔ (مُسْنَدُ اَبِي يعْلٰي ج۶ص۶۷ حديث ۶۸۳۵)

          هڪ ٻي روايت ۾ آهي ته نبي اڪرم، نورِ مُجَسَّم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: جڏهن مڙدي سان گڏ اچڻ وارا واپس ٿيندا آهن ته مڙدو ويهي انهن جي قدمن جو آواز ٻڌندو آهي ۽ قبر کان پهريان ڪو ان سان ناهي ڳالهائيندو، قبر چوندي آهي؛ اي انسان! ڇا تو منهنجا حالات نه ٻڌا هئا؟ ڇا منهنجي تنگي، بدبو، هولناڪي ۽ ڪيڙن کان توکي نه ڊيڄاريو ويو هو؟ جيڪڏهن ائين هو ته پوءِ تو ڪهڙي تياري ڪئي آهي؟ (شَرْحُ الصُّدُوْرص ۱۱۴)

          حضرتِ علّامه جلالُ الدّين سُيوطِي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا :حضرتِ سيدُنا عُبيد بن عُميررَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه کان روايت آهي ته، قبر مردي کي چوندي آهي ته جيڪڏهن تون پنهنجي زندگي ۾ الله پاڪ جو فرمانبردار هئين ته اڄ مان توتي رحمت ڪنديس ۽ جيڪڏهن تون پنهنجي زندگيءَ ۾ الله پاڪ جو نافرمان هئين ته مان تنهنجي لاءِ عذاب آهيان، مان اهو گھر آهيان جو جيڪو مون ۾ نيڪ ۽ فرمانبردار ٿي داخل ٿيو اهو مون مان خوش ٿي نڪرندو ۽ جيڪو نافرمان ۽ گنهگار هيو، اهو مون مان تباھ حال ٿي نڪرندو۔

 (شَرْحُ الصُّدُور ص ۱۱۴، اهوال القبور لابن رجب ص۲۷)

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! سوچيو ته سهي ان وقت جڏهن ته اسان قَبر ۾ اڪيليون هونديون سين، گهٻراهٽ هوندي، نه ڪيڏانهن وڃي سگھنديون سين، نه ڪنهن کي سڏي سگھنديون سين ۽ ڀڄي نڪرڻ جي به ڪا صورت نه هوندي۔ اُن وقت قَبر جو هانءُ ڏاريندڙ آواز ٻڌي اسان تي ڇا گذرندو! امير اهلسنت