Book Name:Andheri Qabar
موت جو وَقت، موت جو هنڌ مُقَرَّر آهي، ڪو ان کان ڪنهن تدبير ۽ ڪنهن حِيلي سان بچي نٿو سگھي، توهان جتي به رهو پنهنجي وَقت تي موت توهان کي ضَرور پهچندو جيتوڻيڪ توهان مَضبُوط قَلعن يا آسمان جي بُرجن ۾ پهچي وڃو، زِندگي جي لاءِ ڪيترائي حِفَاظَت جا سامان ڪريو پر مرندؤ ضَرور۔ (تفسيرِ نعيمي، ج۵، ص۲۴۲)
پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! جڏهن مرنديون سين ته آخرت جي سفر جو آغاز ٿيندو۔ ان جي پهرين منزل قبر آهي جيڪا آخرت جي مرحلن ۾ سڀ کان اهم مرحلو آهي۔ اسان جي بزرگ سڳورن جو معمول هو ته قبر کي ڏسندي ئي روئيندي روئيندي بي حال ٿي ويندا هئا۔ بلڪ اسان کي بخشرائڻ واري مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو قبر جي حوالي سان خوفِ خدا ملاحظه ڪريو؛ ۔ حضرت سيّدنا براء بن عازب رَضِىَ اللهُ عَنْهُ فرمائن ٿا ته اسان سرڪار مدينه صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ سان گڏ هڪ جنازي ۾ شريڪ هئاسين ته پاڻ سڳورا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ قبر جي ڪناري تي ويهي رهيا ۽ ايترا رُنا جو مٽي آلي ٿي وئي پوءِ فرمايائون؛ هن جي لاءِ تياري ڪريو۔ (سُنَنِ اِبن ماجه ج ۴ ص ۴۶۶حديث ۴۱۹۵دارا لمعرفة بيروت )
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد
اَمِيرُالمؤمنين حَضرتِ سيدُنا عثمانِ غني رَضِىَ اللهُ عَنْه جڏهن ڪنهن جي قبر تي تشريف فرما ٿيندا هئا ته ايتري قدر روئندا هئا جو سندن رَضِىَ اللهُ عَنْه جي ڏاڙهي مبارڪ آلي ٿي ويندي هئي۔ عرض ڪيو ويو؛ جنت ۽ دوزخ جو تذڪرو ڪرڻ وقت توهان روئندا ناهيو پر قبر تي گھڻو روئندا آهيو ان جو ڪهڙو سبب آهي؟ فرمايائون؛ مان نبي ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن کان ٻڌو آهي؛ آخرت جي سڀ کان پهرين منزل قبر آهي، جيڪڏهن قبر واري ان کان نجات حاصل ڪئي ته بعد وارو معاملو ان تي آسان آهي ۽ جيڪڏهن ان نجات حاصل نه ڪئي ته بعد وارو معاملو ڏاڍو سخت