Book Name:Andheri Qabar

(شعب الايمان ج۲ ص ۳۴۸ح:۲۰۰۲) الله پاڪ اسان کي تلاوتِ قرآن ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي۔      

اٰمِيۡن   بِجَاهِ   النَّبِيِّ  الۡاَمِيۡن   صَلَّى  اللّٰهُ  عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم

چوٿون عمل الله پاڪ جو ذِڪرڪرڻ

حضرت علامه فقيه ابُواللَّيث سمرقندي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي بيان ڪيل قبر ۾ ڪم ايندڙ عملن مان چوٿون عمل ذِڪرِ الٰهي آهي۔ اسان جي آقا، مديني واري مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فرمان آهي: جڏهن به ماڻهو الله پاڪ جي ذڪر جي لاءِ ويهندا آهن ته انهن کي ملائڪ گھيري وٺندا آهن، رحمتِ الٰهي انهن کي پنهنجي آغوش ۾ وٺندي آهي ۽ انهن تي سڪينو نازل ٿيندو آهي۔ (مسلم، ڪتاب الذڪر و الدعاء …الخ ، باب فضل الاجتماع علي تلاوة…الخ، ص۱۱۱۱، حديث:۲۷۰۰)

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! اسان قبر ۾ ڪم ايندڙ چئن (4) نيڪ عملن جي باري ۾ ٻڌو، حضرت علامه فقيه ابُواللَّيث سمرقندي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي بيان ڪيل روايت جي مطابق 4 بُرا عمل اهڙا به آهن جو قبر ۾ سلامتي جي لاءِ انهن کان بچڻ بيحد ضروري آهي، اچو! ٻڌون ٿيون ته اهي 4 عمل ڪهڙا ڪهڙا آهن؟

پهريون عمل ڪوڙ

  رَسُولُ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: ڪوڙ گُناھ ڏانهن وٺي ويندو آهي ۽ گُناھ جهنَّم ڏانهن وٺي ويندو آهي ۽ بيشڪ ٻانهو ڪوڙ ڳالهائيندو رهندو آهي، ايستائين جو الله پاڪ جي ويجھو ڪذّاب يعني تمام وڏو ڪوڙو ٿي ويندو آهي۔ (بخاري ، ڪتاب الادب، باب قول الله تعاليٰ يا اَيھَا الَّذِينَ…الخ، ۴/۱۲۵، حديث:۶۰۹۴) يعني هر هر ڪوڙ ڳالهائڻ ٻانهي کي الله پاڪ جي بارگاھ ۾ رُسوا ڪندو آهي۔

ٻيو عمل خيانت

          ٻيو اهو عمل جنهن سان بچڻ قبر ۾ فائدو ڏئي سگھي ٿو اها آهي خيانت۔ رَسُولُ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن اِرشاد فرمايو: جيڪو شخص پنهنجي ڀاءُ کي ڪنهن