Book Name:Andheri Qabar

ڪيئي دِيني فائدن کان محرومي سان گڏوگڏ عذابِ قبر ۾ مبتلا ڪري سگھي ٿي۔ اچو انهيء حوالي سان نبي ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جون مبارڪ حديثون ٻڌو، جيئن ته

          ارشاد فرمايائون: عذابِ قبر عام طور تي پيشاب (جي ڇنڊن کان نه بچڻ) جي ڪري ٿيندو آهي۔

 (المعجم الڪبير، الحديث: ۱۱۱۲۰ ، ج۱۱،ص۷۰)

          هڪ ٻي روايت ۾ فرمايائون: قبر جو عذاب پيشاب (جي ڇنڊن کان نه بچڻ) جي ڪري ٿيندو آهي، تنهنڪري ان کان بچو۔ (سنن ابن ماجة،ابواب الطهارة،باب التشديدفي البول،الحديث:۳۴۸،۱/۲۱۹)

            هنن حديث سڳورين تي عمل ڪندي اسان کي به گھرجي ته اسان به هر قسم جي ناپاڪي ۽ خاص ڪري پيشاب جي ڇنڊن کان پاڻ کي بچايون، الله پاڪ اسان کي نجاست کان بچڻ ۽ پاڪيزه رهڻ جي توفيق عطا فرمائي۔     آمِين بِجَاه النَّبِي الْاَمِينْ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! بيان کي ختم ڪندي ”گھر ۾ مدني ماحول بنائڻ جا ڪجھ مدني گل“ پيش ڪيان ٿي۔

گھر ۾ مدني ماحول بنائڻ بابت مدني گل

پهريان 2 فرمان مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ملاحظه ڪريو: (1) فرمايائون: پنهنجي گھرن کي قبرستان نه بڻايو، بيشڪ جنهن گھر ۾ (سوره) بقره پڙھي ويندي آهي شيطان ان گھر کان ڀڄي ويندو آهي۔ (مسلم، ڪتاب صلاة المسافرين ،باب استحباب صلاةالنافلة في بيته۔۔۔ الخ ص۳۰۶، حديث:۱۸۲۴) (2) فرمايائون: جنهن گھر ۾ الله پاڪ جو ذڪر ڪيو ويندو آهي ۽ جنهن گھر ۾ الله پاڪ جو ذڪر ناهي ڪيو ويندو، انهن جو مثال زنده ۽ مُرده جيان آهي۔ (بخاري، ڪتاب الدعوات،باب فضل ذڪر الله ،۴ /۲۲۰، حديث: ۶۴۰۷) * گھر ۾ ايندي ويندي وڏي