Andheri Qabar

Book Name:Andheri Qabar

مُردي کي جڏهن قبر ۾ لاٿو ويندو آهي ته اهو ٻنهي صورتن ۾ پڇتائيندو آهي، جيڪڏهن نيڪ ٻانهو آهي ته ان ڳالهه تي پڇتائيندو آهي ته ان گھڻيون نيڪيون ڇونه ڪيون ۽ جيڪڏهن گنهگار آهي ته ان لاءِ پڇتائيندو ته گناھ ڇو ڪيا؟ پيارا بابا! توهان نيڪين جي گھٽ هئڻ جي ڪري پڇتايو يا گناهن تي؟ پيارا بابا! ڪالهه تائين جڏهن مان توهان کي سڏيندي هيس ته مون کي جواب ڏيندا هيؤ، اڄ مان ڪيتري بدنصيب آهيان جو قبر جي سيراندي کان توهان کي سڏي رهي آهيان پر مون کي توهان جي جواب جو آواز ٻڌڻ ۾ نه ٿو اچي! پيارا بابا! توهان ته مون کان اهڙا جدا ٿي ويؤ جو قيامت تائين ٻيهر وري نه ملي سگھندؤ۔ اي ربّ ڪريم قيامت جي ميدان ۾ مون کي پنهنجي بابا جي ملاقات کان محروم نه ڪجانءِ۔

حضرتِ سيِّدُنا حسن بصري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جون اهي ڳالهيون ٻڌي ان ٻارڙيءَ عرض ڪيو؛ اي منهنجا سردار! توهان جي نصيحت ڀرين ڳالهين مون کي غفلت مان سجاڳ ڪري ڇڏيو آهي۔ ان کانپوءِ اها مدني مني روئندي حضرتِ سيِّدُنا حسن بصري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه سان گڏ واپس موٽي آئي۔

(المواعظ العصفوريةلابي بڪر بن محمد العصفوري،مترجم ص ۱۱۸بتصرف مڪتبهٔ اعليٰ حضرت )

قبرون بظاهر هڪ جهڙيون آهن پر۔۔۔

       پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! اهي قبرون جيڪي مٿان کان هڪ جهڙيون نظر اچن ٿيون ضروري ناهي ته انهن جون اندروني حالتون به ساڳيون هجن، جِي ها ان مٽي جي ڍير هيٺان دفن ٿيڻ واري جيڪڏهن ڪا نمازي هئي، رمضان المبارڪ جا روزا رکڻ واري هئي، تلاوتِ قرآن ڪرڻ واري هئي، تَهَجُّد، اِشراق، چاشت ۽ اَوَّابين جا نفلَ ادا ڪرڻ واري هئي، عاجزي ڪرڻ واري هئي، حُسنِ اخلاق جي پيڪر هئي، ماءُ پيءُ جي فرمانبرداري ڪرڻ واري هئي، ٻين جا حق ادا ڪرڻ واري هئي، الله پاڪ ۽ ان جي پياري محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ سان محبت