Book Name:Andheri Qabar

      (2) جيتريون سٺيون نِيّتون وڌيڪ، اوترو ثواب به وڌيڪ.

بيان ٻڌڻ جون نِيَّتون

* نگاهون جھڪائي پوري توجھ سان بيان ٻڌندَس * ٽيڪ لڳائي ويهڻ بدران علمِ دين جي تعظيم خاطر جيترو ٿي سگهيو ٻئي گوڏا وڇائي ويهندَس * ضرورت پوڻ تي ٻين اسلامي ڀينرن جي لاءِ سِرڪي جاءِ ڪشاده ڪندَس * ڌِڪو وغيره لڳو ته صبر ڪندَس، گھوري ڏسڻ ۽ اَٽڪڻ کان بچندَس * صَـلُّـوا عَلَي الحَبِيـب! اُذکُرُالله , تُوبُوا اِلَـي الله! وغيره ٻڌي ثواب ڪمائڻ ۽ صدا لڳائڻ واريءَ جي دِل جوئي جي لاءِ آهسته آواز سان جواب ڏيندَس * بيان کان پوءِ پاڻ اڳتي وڌي سلام، مصافحو ۽ انفرادي ڪوشش ڪندَس۔دوران بيان موبائل جي غيرضروري استعمال کان بچندَس،نه بيان ريڪارڊ ڪندَس نه ئي ٻئي ڪنهن قسم جو آواز ڇو ته ان جي اجازت ناهي،جيڪو ڪجهه ٻُدَندَس،ان کي ٻڌي ۽ سمجهي ڪري ان تي عمل ڪرڻ ۽ ان کي بعد ۾ ٻين تائين پهچائي نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪندَس.

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! اڄ جي بيان جو موضوع آهي”انڌيري قبر“ جنهن ۾ اسان موت اچڻ ۽ ان کان پوءِ قبر ۾ پيش ايندڙ معاملن جي باري ۾ ٻڌنديون سين۔

ننڍڙي ٻارڙيءَ جو  فرياد

          جليلُ القدر تابِعي بزرگ حضرت سيدنا حَسَن بَصري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه پنهنجي گھر جي دروازي تي تشريف فرما هئا ته اتان هڪ جنازو گذريو، پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه به اٿيا ۽ جنازي جي پٺيان هلڻ لڳا۔ جنازي جي هيٺان هڪ ننڍڙي ٻارڙي زارو قطار