Andheri Qabar

Book Name:Andheri Qabar

آهي۔ (سُنَنِ اِبن ماجه ج۴ ص۵۰۰ حديث ۴۲۶۷)

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! ڏٺو توهان ذوالنّورَين، جامعُ القرآن حضرت سيِّدُنا عثمان ابنِ عفّان رَضِىَ اللهُ عَنْه جو خوفِ خدا! پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْه عشره مبشره يعني ان ڏهن خوش نصيب صحابه ڪرام عَـلَيْهِمُ الرِّضْوَانْ مان آهن جن کي الله پاڪ جي حبيب، حبيبِ لبيب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ پنهنجي زبانِ حقِ ترجمان سان خصوصي طور تي جنتي هئڻ جي بشارت ڏني هئي، پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْه جي اها هستي هئي جو معصوم فرشتا به حيا ڪندا هئا۔ ان جي باوجود به قبر جو خوف، وحشتن، اڪيلائپ ۽ انڌيري جي باري ۾ بي انتها خوفزده رهندا هئا ۽ هڪ پاسي اسان آهيون جو پنهنجي قبرن کي وساري ويٺيون آهيون، روزانو ماڻهن جا جنازا ڏسڻ باوجود، اهو نٿيون سوچيون ته هڪ ڏينهن اسان جو جنازو به کنيو ويندو، يقينًا اهي جنازا اسان جي لاءِ خاموش مبلغ جي حيثيت رکن ٿا۔ اهي جيڪي ڪجھ چئي رهيا هوندا آهن ان کي ڪنهن هن طرح نظم ۾ بيان ڪيو آهي؛:

جنازہ آگے آگے کہہ رہا ہے اے جہاں والو

مِرے پیچھے چلے آؤ تمہارا رہنما میں ہوں

قبر پنهنجي اندر دفن ٿيڻ واري کي ڇا چوندي آهي؟

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! قبر پنهنجي اندر دفن ٿيڻ واريءَ کي ڇا چوندي آهي۔ اچو هن باري ۾ ڪجھ روايتون ٻڌون ٿيون:

حضرت سيدُنا ابُو الحَجّاج ثُمالِي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه کان روايت آهي ته الله پاڪ جي آخري نبي، رسولِ عربي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن ارشاد فرمايو: جڏهن ميت کي قَبر ۾ لاٿو ويندو آهي ته قَبر ان سان خطاب ڪندي آهي: اي انسان تون برباد ٿئين! تو ڇا جي ڪري مون کي وساري ڇڏيو؟ ڇا توکي ايتري به خبر نه هئي ته مان فتنن جو گھر آهيان، اونداهي جو گھر آهيان، پوءِ تو ڪهڙي ڳالھ جي ڪري مون تي آڪڙجي