Book Name:Andheri Qabar

ڀونڪڻ جو آواز اسان کي پريشان ڪري ڇڏيندو آهي، لال بيگ ۽ وڇون ڏسي جسم ۾ ڏڪڻي وٺي ويندي آهي، غور ڪريو ته جيڪڏهن اسان جي بدعملي جي ڪري اهي ئي شيون قبر ۾ اچي اسان کي ڊيڄارڻ لڳن ته اسان ڪنهن سان فرياد ڪنديون سين؟ ان وقت اسان جو ڇا ٿيندو جو جڏهن انهن مان ڪا شيء اسان جي قبر ۾ ظاهر ٿي وڃي۔

          حضرتِ سيدنا علّامه جلالُ الدّين سُيوطي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه نقل فرمائن ٿا: جڏهن انسان قَبر ۾ داخِل ٿيندو آهي ته اهي تمام شيون ان کي ڊيڄارڻ جي لاءِ اچي وينديون آهن جن سان هو دنيا ۾ ته ڊڄندو هو ۽ الله پاڪ کان نه ڊڄندو هو. (شَرْحُ الصُّدُور ص۱۱۲)

        پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! اسان کي گھرجي ته پنهنجي اندر خوفِ خدا پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪريون۔ هن جو هڪ طريقو اهو به آهي ته اسان عاشقانِ رسول جي مدني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول سان وابسته ٿي وڃون۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

قبر ۾ ڪم ايندڙ عمل

   اسان کي گھرجي ته اسان دنيا ۾ اهڙن ڪمن کان بچون جيڪي قبر ۾ مشڪلات جو سبب بڻجن ۽ اهڙن ڪمن جي رغبت رکون جيڪي قبر ۾ به ڪم اچن ۽ آخرت به بهتر ٿئي۔

    حضرت سَيدُنا فقيه ابُوالليث سمرقندي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: جيڪو قبر جي تنهائي ۽ گھٻراهٽ کان بچڻ چاهي ته ان کي گهرجي ته چئن شين کي اختيار ڪري ۽ چئن شين کان پاسو ڪري۔ جيڪو به ائين ڪندو اهو قبر جي تنهائي ۽ گھٻراهٽ کان بچي ويندو۔