Book Name:Andheri Qabar

پهريون عمل نماز

      اهي چار شيون جن کي اختيار ڪرڻو آهي، انهن مان سڀ کان پهرين شيء نماز آهي۔ الله جي پياري رسول، رسولِ مقبول صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فرمان آهي: جيڪو نمازن جي لاءِ بهتر طَريقي سان وضو ڪري ۽ انهن کي انهن جي وَقت ۾ اَدا ڪري ۽ ان جا رُڪوع وسُجود، خُشُوع سان پورا ڪري ته الله پاڪ جي ذمّهءِ ڪرم تي آهي ته ان جي بخشش فرمائي ڇڏي۔

(ابوداؤد ، ڪتا ب الصلوة ، با ب المحا فظة علي وقت الصلوات،۱/ ۱۸۶، حديث: ۴۲۵)

ٻيو عمل صدقو ڏيڻ

          قبر جي اونداهي کي روشني ۾ ۽ قبر جي وحشت کي اطمينان ۽ سڪون ۾ بدلڻ جو هڪ ٻيو عمل الله پاڪ جي راھ ۾ صدقو ڪرڻ به آهي۔ فرمانِ مصطفٰي آهي: اِنَّ الصَّدَقَة لَتُطْفِئُ عَلٰي اَهلِها حَرَّ الْقُبُوْرِ بيشڪ صَدَقو ڪرڻ وارن کي صَدَقو قَبر جي گرمي کان بچائي ٿو وَ اِنَّمَا يسْتَظِلُّ الْمُؤْمِنُ يوْمَ الْقِيامَة فِي ظِلِّ صَدَقَتِهٖ، ۽ بيشڪ مُسَلمان قيامت جي ڏينهن پنهنجي صَدَقي جي ڇانوَ ۾ هوندو۔

(شُعَبُ الايمان، باب الزڪاة، التحريض علي صدقة التطوع،۳/۲۱۲، حديث:۳۳۴۷)

ٽيون عمل تِلاوتِ قرآن ڪرڻ

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! اسان قبر ۾ ڪم ايندڙ عملن بابت ٻڌي رهيون هيوسين۔ انهن مان هڪ تلاوتِ قرآن به آهي۔ فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ آهي: قرآنِ ڪريم جي تلاوت ڪندا ڪريو ڇوته اهو قيامت جي ڏينهن پنهنجي پڙھڻ وارن جي شَفاعت ڪرڻ جي لاءِ ايندو۔ (صحيح مسلم ،ڪتاب فضائل القرآن ،ص۴۰۳ح۸۰۴) هڪ ٻئي حديثِ پاڪ ۾ آهي ته ٽن قسم جا ماڻهو بروزِ قيامت ڪاري مشڪ جي دڙن تي هوندا، انهن کي ڪنهن قسم جي گھٻراهٽ نه ٿيندي، نه انهن کان حساب ورتو ويندو۔ (انهن مان هڪ) اهو شخص آهي جنهن رِضاءِ الٰهي جي لاءِ قرآنِ ڪريم جي تلاوت ڪئي ۽ ماڻهن جي اِمامت ڪئي جڏهن ته اهي ان سان خُوش هجن۔‘‘