Book Name:Andheri Qabar

معاملي ۾ مشورو ڏئي جڏهن ته ان کي خبر آهي ته دُرستگي ان کان علاوه ۾ آهي ته هن ان سان سان خيانت ڪئي۔ (ابوداؤد،ڪتاب العلم،باب ڪراھية منع العلم،۳/۴۴۹، حديث:۳۶۵۷) يعني جيڪڏهن ڪو مسلمان ڪنهن سان مشورو ڪري ۽ مشورو ڏيڻ وارو ڄاڻي واڻي غلط مشورو ڏئي ته جيئن مشورو وٺڻ وارو مصيبت ۾ ڦاسي پوي ته اهڙو مشير (يعني مشورو ڏيڻ وارو) پڪو خائن(يعني خيانت ڪرڻ وارو) آهي۔ (مراة المناجيح،۱/۲۱۲)

 الله پاڪ اسان کي هر قسم جي خيانت کان محفوظ فرمائي۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

ٽيون عمل چُغلي

اسان انهن عملن جي باري ۾ ٻڌي رهيون آهيون جن کان بچڻ قبر ۾ راحت و سڪون جو سبب ٿيندو آهي، انهن مان هڪ چُغلي به آهي۔ ماڻهن ۾ فساد ڪرائڻ جي لاءِ اُنهن جون ڳالهيون هڪ ٻئي تائين پهچائڻ چغلي آهي۔ (شرح مسلم للنووي، ڪتاب الايمان،باب بيان غلظ تحريم النمية،۲/۱۱۲) الله جي نبي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فرمان آهي: الله پاڪ جا بُرا ٻانها اهي آهن جيڪي چُغل خوري ڪن ٿا، دوستن ۾ جُدائي ڪرائن ٿا ۽ نيڪ ماڻهن جا عيب تلاش ڪن ٿا۔ (مسند احمد،مسند الشاميين، ۶/ ۲۹۱، حديث ۱۸۰۲۰) لهٰذا اسان کي چغل خوري کان بچڻ گھرجي.

الله پاڪ اسان کي چُغلي کان بچڻ جي توفيق عطا فرمائي۔    آمِين بِجَاه النَّبِي الْاَمِينْ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ

چوٿون عمل پيشاب جي ڇنڊن کان نه بچڻ

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! اهڙا ڪم جيڪي قبر جي عذاب جو سبب ٿي سگھن ٿا، انهن مان چوٿون ڪم پيشاب جي ڇنڊن کان نه بچڻ آهي۔ پنهنجي ڪپڙن ۽ بدن جي پاڪي جو خيال نه رکڻ يقيناً هڪ خراب عادت آهي، جيڪا