Book Name:Andheri Qabar
سڃاڻي رهيون هونديون سين، اسان جي قبر کوٽي ويندي تڏهن به اسان کي خبر هوندي، ۽ جڏهن قبر بند ڪرڻ جي لاءِ مٽي وڌي پئي ويندي هي دردناڪ منظر به نظر اچي رهيو هوندو، پر ڳالهائي ڪجهه به نه سگهنديون سين، دفن ڪرڻ کان بعد اسان جا ناز کڻڻ وارا وڃي رهيا هوندا، قبر ۾ انهن جي قدمن جا آواز ٻڌڻ ۾ اچي رهيا هوندا۔ دل ٻوساٽجي رهي هوندي، قبر جي وحشت ۽ گرمي ڏسڻي پوندي، اونداھي ۽ تاريڪي سان به دل گھٻرائي رهي هوندي،! اوچتو پنهنجي وڏن وڏن ڏندن سان قبر جي ڀتين کي چيريندي خوفناڪ شڪلين وارا دهشتناڪ، ڪارا وار لٽڪائيندي ٻه ملائڪ ”منڪر نڪير“ قبر ۾ اچي ظاهر ٿيندا، انهن جي اکين مان باھ جا شعلا نڪري رهيا هوندا ۽ اهي سختيءَ سان ويهاريندا ۽ نهايت ئي سخت لهجي ۾ سوال ڪندا۔ اسان کي خبر ناهي ته اسان انهن جي جوابن ۾ ڪامياب ٿينديون سين يا نه۔
قبر میں آہ! گُھپ اندھیرا ہے روشنی ہو پئے رضا یارب!
سانپ لپٹیں نہ میرے لاشے سے قبر میں کچھ نہ دے سزا یارب!
نُورِ احمد سے قَبر رَوشن ہو وحشتِ قَبْر سے بچا یارب!
میرا نازُک بدن جہنّم سے از طفیلِ رضا بچا یارب
(وسائلِ بخشش مرمّم، ص۸۰)
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد
پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! اسان جي لاءِ اها ڳالھ قابلِ غور آهي ته جيڪڏهن رات جي وقت ڪو عجيب آواز ٻڌڻ جو موقعو ملي ته اسان کي بي چيني ٿيڻ لڳندي آهي، ڪجھ دير جي لاءِ لائٽ هلي وڃي ۽ يڪدم اونداھي ٿي وڃي ته بي سڪون ٿي وينديون آهيون، اونداھي ۾ ٻلّي جي آواز ۽ ڪتّن جي