Book Name:Andheri Qabar

آواز سان سلام ڪريو۔ * والد يا والده کي ايندي ڏسي تعظيم طور بيهي رهو۔ * ڏينهن ۾ گھٽ ۾ گھٽ هڪ ڀيري اسلامي ڀائر والد صاحب ۽ اسلامي ڀينرون امڙ جا هٿ ۽ پير چُمن۔ * والدين جي سامهون آواز هلڪو رکو، انهن سان اکيون هر گز نه ملايون۔ * انهن جو ڏنل هر اهو ڪم جيڪو خِلافِ شرع نه هجي يڪدم ڪري وٺو۔ * گھر ۾ بلڪ ٻاهر به هڪ ڏينهن جي ٻار کي’’اوهان‘‘ چئي ڪري ئي مخاطَب ٿيو۔ * ڪاش! تهجد ۾ اک کلي وڃي نه ته گھٽ ۾ گھٽ فجر نماز ته آساني سان ملي وڃي ۽ پوءِ ڪم ڪار ۾ به سستي نه ٿئي۔ * گھر ۾ جيڪڏهن نمازن جي سُستي، بي پردگي، فلمن، ڊرامن ۽ گانن باجن جو سلسلو هجي ته هر هر نه ٽوڪيو۔ * سڀني کي نرمي سان سنّتن ڀريا بيانات ٻڌرايو۔ اِنْ شَآءَ الله مدني نتيجا ظاهر ٿيندا۔ * گھر ۾ ڪيترا ئي دڙڪا ملن، صبر صبر ۽ صبر ڪريو، جيڪڏهن زبان هلائيندؤ ته ”مدني ماحول“ بڻجڻ جي ڪا اُميد ناهي بلڪه ويتر بِگاڙ پيدا ٿي سگھي ٿو * اجائي سختي ڪرڻ سان ڪڏهن ڪڏهن شيطان ماڻهن کي ضدي بڻائي ڇڏيندو آهي۔ تنهنڪري ڪاوڙ، چڙ ۽ دڙڪا ڏيڻ وغيره جي عادت  بلڪل  ختم ڪري ڇڏيو۔ * گھر ۾ روزانه فيضانِ سُنّت جو درس ضرور ضرور ڏيو يا ٻڌو۔ * پنهنجي گھر وارن جي دُنيا و آخرت جي بهتري جي لاءِ دل سان دُعا به گھرنديون رهو ڇوته دُعا مومن جو هٿيار آهي۔ * گھر وارن کي گناهن ڀري چينلن کان ڇوٽڪارو ڏياري صرف ۽ صرف مدني چينل ڏيکارڻ جي ترڪيب بڻايو۔

(فيضان داتا علي هجويري، ص۷)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

طرح طرح جون هزارين سنتون سکڻ جي لاءِ مڪتبة المدينه جي شايع ٿيل ڪتاب 312 صفحن تي مشتمل ڪتاب ”بهار شريعت“ حصو 16 ۽ 120 صفحن جو ڪتاب“سنتیں ۽آداب” هديو ڏئي حاصل ڪيو ۽ پڙهوـ

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد