Book Name:Mola Ali Ko Dekhna Ibadat Hai
۽ سندن جي اهلِ خانه ٽي ڏينهن روزا رکيا، ٽنهي لاءِ کاڌو تيار ٿيو پر ٽئي ڏينهن انهن پاڻي سان افطار ڪري کاڌو صدقو ڪري ڇڏيو۔ اسان کي به ان مان سبق حاصل ڪرڻ گهرجي! عيد ويجهو اچي رهي آهي۔ جيڪڏهن اسان ٿورو ئي غور ڪريون، ته اسان جي اوڙي پاڙي ۾، گلي ۾، عزيزن ۽ مٽن مائٽن ۾ ڪيترائي غريب ملندا، * جيڪڏهن الله پاڪ وسعت عطا فرمائي آهي ته اسان کي به انهن سان ڀلائي ڪرڻ گهرجي! * جيڪڏهن اسان پنهنجن ٻارن کي عيد جي شاپنگ ڪرائي رهيا آهيون يا ڪرائي چڪا آهيون ته انهن غريبن کي به ڪجهه نه ڪجهه ضرور ڏيون! * ڪيترا اهڙا يتيم ٻار هوندا جيڪي ٻين ٻارن کي عيد جي تياري ڪندي ڏسي اداس ٿي ويندا هوندا * ڪيترن جون اکيون آليون ٿينديون هونديون * ڪيترا سوچي رهيا هوندا ته اڄ جيڪڏهن اسان جا به والد هجن ها ته اهي به اسان کي عيد جي شاپنگ ڪرائن ها * ڪيترا ئي والدين، بازار جو رش ڏسي دل ئي دل ۾ سوچيندا هوندا ته ڪاش! اسان وٽ به وسعت هجي ها ته پنهنجن ٻارن لاءِ نوان ڪپڙا، نيون جوتيون وٺون ها۔ * ڪيترا ئي والدين پنهنجن ٻارن جي فرمائشن تي اندر ئي اندر ڏک محسوس ڪندا هوندا۔ الله پاڪ اسان کي وسعت عطا فرمائي آهي ته اسان کي انهن غريبن جو به خيال ڪرڻ گهرجي، انهن سان به ڀلائي سان پيش اچڻ گهرجي! اسان غريبن جي مدد ڪنداسين ته الله پاڪ اسان تي به مهرباني فرمائيندو!حضرت مولا علي رَضِیَ اللهُ عَنْہُ جن بي مثال سخاوت ڪئي، ٽي ڏينهن پاڻي سان افطار ڪيو افطار لاءِ تيار ڪيل کاڌو مسڪين، يتيم ۽ قيدي کي ڏئي ڇڏيو ته ان تي الله پاڪ سندن شان ڇا بيان فرمايو؟
ٻڌو! ارشاد ٿئي ٿو:
فَوَقٰہُمُ اللّٰہُ شَرَّ ذٰلِکَ الْیَوْمِ وَ لَقّٰہُمْ نَضْرَۃً وَّ سُرُوْرًا (ۚ۱۱) وَ جَزٰھُمْ بِمَا صَبَرُوْا جَنَّۃً وَّ حَرِیْرًا (ۙ۱۲) مُّتَّکِـِٕیْنَ فِیْہَا عَلَی الْاَرَآئِکِ ۚ لَا یَرَوْنَ فِیْہَا شَمْسًا وَّ لَا زَمْہَرِیْرًا (ۚ۱۳) وَ دَانِیَۃً عَلَیْہِمْ ظِلٰلُہَا وَ ذُلِّلَتْ قُطُوْفُہَا تَذْلِیْلًا (۱۴)
(پارہ:29 ، سورۀ دھر:11 تا 14)
ترجمو ڪنزالعرفان: پوءِ الله انهن کي ان ڏينهن جي شر کان بچائي وٺندو ۽ انهن کي تازگي ۽ خوشي عطا فرمائيندو. ۽ انهن جي صبر تي انهن کي جنت ۽ ريشمي ڪپڙا بدلي ۾ عطا فرمائيندو. اهي جنت ۾ تختن تي ٽيڪ لڳايل هوندا نه ان ۾ اُس ڏسندا نه ان ۾ سخت سردي. ۽ انهن جا پاڇا انهن تي جهڪيل هوندا ۽ جنت جا ڇُڳا جهڪائي هيٺ ڪيل هوندا.