Book Name:Mola Ali Ko Dekhna Ibadat Hai
پنهنجي سڳي ڀائرن سان وڙهڻ لڳندا آهيون، ٿوري ٿوري ڳالهه تان پنهنجي عزيز رشتيدارن سان مرڻ جيئڻ ختم ڪري ڇڏيندا آهيون. الله پاڪ اسان جي حال تي رحم ڪري. ڪاش! اسان مولا علي رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ جي سيرت کان سبق سکون ۽ جيڪو اسان سان برو سلوڪ ڪري، ان سان به چڱائي سان پيش ايندا ڪيون. الله پاڪ اسان کي عمل جي توفيق عطا فرمائي. اٰمِین بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیِّيْن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم
مولا علي رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ جي سخاوت جي شان
پيارا اسلامي ڀائرو! حضرت مولا علي شيرِ خدا رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ جي شان تمام بلند آهي، قرآن ڪريم جون ڪيئي آيتون سندن حق ۾ نازل ٿيون. حضرت مولا علي شيرِ خدا رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ جو نهايت پيارو وصف جنهن کي قرآن ڪريم هڪ کان وڌيڪ هنڌن تي بيان ڪيو، اهو آهي: سندن سخاوت جي شان ۽ صدقو خيرات ڪرڻ جي عادت. سخي ته ٻيا به کوڙ آهن، صحابه ڪرام عَـلَيْهِمُ الرِّضْوَانْ جي سيرت پڙهي ڏسو! ڪيئي سخي ملندا پر سخاوت جو جيڪو نرالو انداز قرآن ڪريم حضرت مولا علي شيرِ خدا رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ جو بيان ڪيو آهي، هي سندن جو ئي خاصو آهي.
حضرت مولا علي شيرِ خدا رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ جي خصوصيت.
قرآنِ پاڪ ۾ هڪ اهڙي صدقي جو ذڪر به موجود آهي، جيڪو رڳو حضرت مولا علي رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ ئي ادا ڪيو آهي، ڪنهن ٻئي کي هن تي عمل جو وقت ئي نه مليو. اهو صدقو ڪهڙو آهي؟ الله فرمايو:
یٰۤاَیُّہَا الَّذِیْنَ اٰمَنُوْۤا اِذَا نَاجَیْتُمُ الرَّسُوْلَ فَقَدِّمُوْا بَیْنَ یَدَیْ نَجْوٰىکُمْ صَدَقَۃً ؕ
(پارہ:28 ، سورۀ مجادله:12)
ترجمو ڪنزالعرفان: اي ايمان وارؤ! جڏهن توهان رسول سان اڪيلائي ۾ ڪا ڳالهه عرض ڪرڻ چاهيو ته پنهنجي عرض کان پهريان ڪجهه صدقو ڏئي ڇڏيو.
هن آيتِ ڪريمه ۾ الله پاڪ حڪم ڏنو ته جڏهن توهان اسان جي پياري محبوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي خدمت ۾ اڪيلائي ۾ ڪجهه عرض ڪرڻو هجي ته ان عرض کان پهريان صدقو ڏيندا ڪيو! بعض روايتن موجب ان حڪم تي رڳو حضرت مولا علي شيرِ خدا رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ عمل ڪيو، سندن هڪ دينار صدقو ڪري پياري آقا، مڪي