Mola Ali Ko Dekhna Ibadat Hai

Book Name:Mola Ali Ko Dekhna Ibadat Hai

وہ دِلِ غمزدہ جانتا ہے                                                                                                                       ہائے تڑپا کے رمضاں چلا ہے

کر کے تقسیم بخشش کی اَسناد                                                                                                    آہ! رنجیدہ دِل کرکے تُو شاد

سب کو روتا ہوا چھوڑتا ہے                                                                                                ہائے     تڑپا     کے     رمضاں     چلا     ہے([1])

رمضان المبارڪ جا اڃا ڪجهه ڏينهن باقي آهن، افسوس! اهي بابرڪت گهڙيون جلد ئي ختم ٿي وينديون، رمضان جو مهينو اسان کي داغِ مُفارقَت (يعني جدائي جو غم) ڏئي رخصت ٿي ويندو، تنهنڪري انهن برڪت وارن لمحن کي غنيمت سمجهندي خوب توبه ۽ استغفار ڪيو، جيتريون وڌيڪ ٿي سگهن نيڪيون ڪيو جو زندگي ۾ ٻيهر رمضان جو مهينو نصيب ٿيندو يا نه ان جي اسان وٽ ڪا به گارنٽي ناهي. 

الٰہی رہ گئے رمضاں کے آخِری روزے                                       رہائی نارِ جہنّم سے ہو عطا یارَبّ!

اِلٰہی رِہ گئیں رمضاں کی آخِری گھڑیاں                                                      کرم سے بخش بھی دے ہم کو یَاخُدا! یَارَبّ!([2])

الله پاڪ اسان کي انهن برڪت واري لمحن کي غنيمت ڄاڻڻ ۽ انهن ۾ خوب نيڪيون ڪري بخشش جو سامان ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي.

 اٰمِین بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیِّيْن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم 

مولا علي رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ جي شهادت جو واقعو

21 رمضان المبارڪ مسلمانن جي چوٿين خليفي حضرت اميرالمومنين حضرت مولا علي رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ جي شهادت جو ڏهاڙو آهي.

  هي 40 سن هجري جو واقعو آهي، هن سال جي رمضان جو مقدس مهينو حضرت مولا علي رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ هيئن گذاريو جو هڪ افطار پنهنجي شهزادي امام حسن مجتبيٰ رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ وٽ ڪندا، هڪ افطار امام حسين رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ وٽ ڪندا  ۽ هڪ افطار جي لاءِ حضرت عبدالله بن جعفر رَضِىَ اللهُ عَـنْهما وٽ تشريف وٺي ويندا هئا. معمول مبارڪ اهو جو 3 گرهن کان وڌيڪ کاڌو نه کائيندا ۽ فرمائيندا هئا:


 

 



[1]...وسائلِ بخشش، صفحہ:683 ملتقطًا۔

[2]...وسائلِ فردوس، صفحہ:28۔