Mola Ali Ko Dekhna Ibadat Hai

Book Name:Mola Ali Ko Dekhna Ibadat Hai

ڪم ۾ لڳائي سگهجي ٿو ته جيئن وڌندڙ خرچن کي پورو ڪري سگهجي.

مدني قاعدو (Madani Qaida) موبائل ايپلي ڪيشن

   پيارا اسلامي ڀائرو! قرآنِ ڪريم جو فيضان عام ڪرڻ جي لاءِ دعوتِ اسلامي جي I.T  ڊيپارٽمنٽ هڪ موبائل ايپلي ڪيشن جاري ڪئي آهي، جنهن جو نالو آهي: مدني قاعدو (Madani Qaida). هن ايپلي ڪيشن ۾مڪمل مدني قاعدو ۽ ان جي آڊيو (Audio) شامل ڪئي وئي آهي يعني هن ايپلي ڪيشن ۾ توهان مدني قاعدي جي جنهن اکر يا جنهن لفظ تي ڪلڪ (Click) ڪندؤ، آڊيو (Audio) ۾ ان جو تَلَفُّظ هلندو، ايئن هن ايپلي ڪيشن جي مدد سان آسانيءَ سان مدني قاعدو پڙهي ڪري، ان جي مشق (Practice) ڪري درست مخارج ۽ ضروري تجويد سکي سگهجي ٿي. هي ايپلي ڪيشن پنهنجي اسمارٽ فون ۾ انسٽال ڪري وٺو، پاڻ به فائدو حاصل ڪيو ۽ ٻين کي به ترغيب ڏياريو.  

درست ڇا آهي؟

(درست شرعي مسئلو ۽ عوام ۾ مشهور غلط مسئلي جي نشاندهي)

مسئلو: روزي جي حالت ۾ مسواڪ(ڏندڻ) ڪرڻ ۾ ڪو حرج ناهي.

وضاحت: عوام ۾ مشهور آهي ته روزي جي حالت ۾ ڏندڻ نٿو ڪري سگهجي، اصل ۾ ائين ناهي، اصل مسئلو هي آهي ته روزي جي حالت ۾ هر قسم جو ڏندڻ ڪري سگهو ٿا ان جي ڪرڻ سان روزو ناهي ٽٽندو بلڪ جهڙي طرح عام ڏينهن ۾ مسواڪ ڪرڻ سنت آهي اهڙي طرح روزي جي حالت ۾ به سنت آهي. ها! البت هي ڳالهه ياد رهي ته جيڪڏهن روزيدار هئڻ ياد هجي ۽ چٻائڻ کان ريشا ٽٽن يا ذائقو محسوس ٿئي ته چٻائڻ کان بچڻ گهرجي. جنهن ڏندڻ جا ريشا ٽٽندا هجن ۽ روزيدار هئڻ ياد هئڻ جي صورت ۾ ڏندڻ جو ڪو ريشو حلق ۾ هليو ويو ته ان سان روزو ٽٽي پوندو. فتاويٰ عالمگير ۾ آهي: روزي جي حالت ۾ مسواڪ ڪرڻ ۾ ڪو حرج ناهي چاهي مسواڪ خشڪ هجي يا آلي ۽ چاهي صبح جو ڪئي وڃي يا شام جو. ([1]) 

 


 

 



[1]... فتاویٰ ہندیہ ، کتاب الصوم ، الباب الثالث فیما یکرہ للصائم وما لا یکرہ ، جلد:1، صفحہ:199۔