Book Name:Mola Ali Ko Dekhna Ibadat Hai
اَلۡـحَـمۡـدُ لـِلّٰـہِ رَبِّ الۡـعٰـلَـمِیۡنَ ؕ وَ الـصَّـلٰـوۃُ وَالـسَّـلَامُ عَـلٰی خَاتَمِ النَّبِیِّن ؕ
وَعَلٰي اٰلِكَ وَاَصۡحٰبِكَ يَا حَبِيۡبَ اللّٰه اَلصَّلٰوةُ وَالسَّلَامُ عَلَيۡكَ يَا رَسُوۡلَ اللّٰه
وَعَلٰي اٰلِكَ وَاَصۡحٰبِكَ يَا نُوۡرَ اللّٰه اَلصَّلٰوةُ وَالسَّلَامُ عَلَيۡكَ يَا نَبِيَّ اللّٰه
نَوَيۡتُ سُنَّتَ الۡاِعۡتِكَافِ (ترجمو: مون سنّتِ اعتڪاف جي نيّت ڪئي)
سرڪارِ مدينه صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: مون تي درود پاڪ پڙهڻ پُل صراط تي نور آهي جيڪو جمعي جي ڏينهن مون تي 80 ڀيرا درود شريف پڙهندو ان جي 80 سالن جا گناهه معاف ٿي ويندا. ([1])
پڑھتا رہوں کثرت سے درود ان پہ سدا میں اور ذِکْر کا بھی شوق پئے غوث و رضا دے([2])
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد
الوداع الوداع ماههِ رمضان...!!
پيارا اسلامي ڀائرو! رمضان المبارڪ جو آخري عشرو (ڏهاڪو) هلي رهيو آهي، الله ڪري هن سال رمضان جو مهينو 30 ڏينهن جو ٿي وڃي، ائين اسان کي هڪ روزو ٻيو ۽ ان سان گڏو گڏ رمضان المبارڪ ۾ هڪ جمعو وڌيڪ نصيب ٿي ويندو، نه ته ٿي سگهي ٿو ته اڄ وارو ئي جمعو جُمۡعَةُ الۡوَدَاع ٿي وڃي. افسوس! رمضان آيو ۽ هليو به ويو...!!
دیکھ کر چاند میں رو پڑا تھا سامنے ہجر کا غم کھڑا تھا
جلد رخصت کا وقت آگیا ہے ہائے تڑپا کے رمضاں چلا ہے
اشک آنکھوں سے اب بِہ رہے ہیں ہجر کا غم جو ہم سہ رہے ہیں