Book Name:Mola Ali Ko Dekhna Ibadat Hai
سُبۡحٰنَ الله! هي حضرت مولا علي شيرِ خدا رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ جو شان آهي، پوري امت ۾ سندن کي هڪ اهڙو صدقو ڏيڻ جي به سعادت حاصل آهي جو اهڙو صدقو ادا ڪرڻ جو ڪنهن کي موقعو ئي ناهي مليو.
یا علیَّ المرتَضیٰ، مولیٰ علی مشکلکُشا آپ ہیں شیرِ خدا، مولیٰ علی مشکلکُشا
پیکرِ جُودو سخا تُو، میں فقیر و بےنوا تُو ہے داتا میں گدا، مولیٰ علی مشکلکُشا
اهڙي طرح سيپاري: 3، سورت بقره، آيت: 274 ۾ به حضرت مولا علي شيرِ خدا رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ جي نرالي سخاوت جو بيان آهي، الله پاڪ فرمائي ٿو:
اَلَّذِیْنَ یُنْفِقُوْنَ اَمْوَالَہُمْ بِالَّیْلِ وَ النَّہَارِ سِرًّا وَّ عَلَانِیَۃً فَلَہُمْ اَجْرُھُمْ عِنْدَ رَبِّہِمْ ۚ وَ لَا خَوْفٌ عَلَیْہِمْ وَ لَا ھُمْ یَحْزَنُوْنَ (۲۷۴)ؔ
(پارہ:3 ، سورۀ بقرہ:274)
ترجمو ڪنزالعرفان: اهي ماڻهو جيڪي رات ۾ ۽ ڏينهن ۾، لڪائي ۽ ظاهر پنهنجا مال خيرات ڪن ٿا انهن جي لاءِ انهن جو اجر انهن جي رب وٽ آهي. انهن تي نه ڪو خوف هوندو ۽ نه اهي غمگين هوندا.
هڪ قول موجب هيءَ آيت مسلمانن جي چوٿين خليفي امير المومنين حضرت مولا علي شير خدا رَضِىَ اللهُ عَنْهُ جي شان ۾ نازل ٿي، حضرت مولا علي شيرِ خدا رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ وٽ فقط 4 درهم هئا ۽ ٻيو ڪجهه نه هو. سندن اهي چارئي درهم راههِ خدا ۾ صدقو ڪري ڇڏيا ۽ صدقو ڪرڻ جو انداز ڪيترو نرالو هو، سندن هڪ درهم ڏينهن جي وقت صدقو ڪيو، هڪ درهم اعلانيه طور صدقو ڪيو ۽ هڪ درهم لڪائي ڪري صدقو ڪيو. (1)
الله ڪريم کي هي علي المرتضيٰ جي ادا پسند آئي ته الله پاڪ هيءَ آيتِ ڪريمه نازل فرمائي ۽ فرمايو ته جيڪي ماڻهو پنهنجو مال رات ۽ ڏينهن ۾ ڳجهي ۽ ظاهري طور تي صدقو ڪندا آهن، انهن لاءِ سندن رب وٽ اجر آهي، انهن تي نه ڪو خوف هوندو ۽ نه اهي غمگين ٿيندا.