Mola Ali Ko Dekhna Ibadat Hai

Book Name:Mola Ali Ko Dekhna Ibadat Hai

اَلَّذِیْنَ یُنْفِقُوْنَ اَمْوَالَہُمْ فِیْ سَبِیْلِ اللّٰہِ ثُمَّ لَا یُتْبِعُوْنَ مَاۤ  اَنْفَقُوْا مَنًّا وَّ لَاۤ  اَذًی ۙ لَّہُمْ اَجْرُھُمْ عِنْدَ رَبِّہِمْ ۚ

(پارہ:3 ، سورۀ بقرہ:262)

ترجمو ڪنزالعرفان: اهي ماڻهو جيڪي پنهنجو مال الله جي واٽ ۾ خرچ ڪندا آهن پوءِ پنهنجي خرچ ڪرڻ کان بعد نه احسان جتائيندا آهن ۽ نه تڪليف ڏيندا آهن. انهن جو انعام انهن جي رب وٽ آهي.

الله پاڪ اسان کي به مولا علي رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ جي سخاوت جي شان ۽ سخاوت جي انداز مان حصو نصيب فرمائي. ڪاش! حضرت مولا علي شيرِ خدا رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ جي صدقي ۾ اسان کي به اخلاص سان صدقو ۽ خيرات ڪرڻ جو جذبو ۽ سعادت نصيب ٿي وڃي.  اٰمِین بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیِّيْن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم

مِرا ہر عمَل بس ترے واسطے ہو                                                                        کر اِخلاص ایسا عطا یا الٰہی!([1])

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                    صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

حيدر جي گهراڻي جي نرالي سخاوت

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو!  قرآنِ ڪريم ۾ هڪ ٻئي مقام تي به حيدر جي گهراڻي جي نرالي سخاوت جو بيان آهي جيئن سيپاري: 29، سورت دهر، آيت: 8 ۽ 9 ۾ ارشاد ٿئي ٿو

وَ یُطْعِمُوْنَ  الطَّعَامَ عَلٰی حُبِّہٖ مِسْکِیْنًا وَّ  یَتِیْمًا  وَّ  اَسِیْرًا (۸) اِنَّمَا نُطْعِمُکُمْ لِوَجْہِ اللّٰہِ لَا نُرِیْدُ مِنْکُمْ جَزَآءً   وَّ  لَا  شُکُوْرًا (۹)

(پارہ:29، سورۀ دھر :8-9)

ترجمو ڪنزالعرفان: ۽ اهي الله جي محبت ۾ مسڪين ۽ يتيم ۽ قيدي کي کاڌو کارائن ٿا اسان توهان کي خاص الله جي رضا جي لاءِ کاڌو کارايون ٿا. اسان توهان کان نه بدلو گهرون ٿا ۽ نه مهرباني.

هن آيتِ ڪريمه ۾ امير المؤمنين حضرت علي رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ ۽ سندن اهلِ خانه جي


 

 



[1]...وسائلِ بخشش ،صفحہ:105۔