Mola Ali Ko Dekhna Ibadat Hai

Book Name:Mola Ali Ko Dekhna Ibadat Hai

الله پاڪ کي انهن پاڪ ماڻهن جو هي نرالو عمل ايترو پسند آيو جو ربِّ ڪائنات قرآنِ پاڪ ۾ هن ايثار جو ذڪر فرمايو. هن ذڪر جو انداز به ڏسو! لفظن جي ترتيب تي ڌيان ڏيو! پهرئين ڏينهن مسڪين آيو هو، الله پاڪ فرمايو؛

وَ یُطْعِمُوْنَ  الطَّعَامَ عَلٰی حُبِّہٖ مِسْکِیْنًا (پارہ:29، سورۀ دھر :8)

ترجمو ڪنزالعرفان: ۽ اهي الله جي محبت ۾ کاڌو کارائن ٿا مسڪين کي.

    ٻئي ڏينهن يتيم آيو هو ته الله پاڪ ٻئي نمبر تي يتيم جو ذڪر ڪيو، فرمايو:

وَ  یَتِیْمًا    (پارہ:29، سورۀ دھر :8)

ترجمو ڪنزالعرفان:  ۽ يتيم (کي)

ٽئين ڏينهن قيدي آيو هو ته الله پاڪ ان جو ذڪر ٽئين نمبر تي ڪندي فرمايو:

وَ اَسِیْرًا (پارہ:29، سورۀ دھر :8)

ترجمو ڪنزالعرفان:  ۽ قيدي (کي)

مرتضٰي جي سخاوت جا چند حسين پهلو

پيارا اسلامي ڀائرو! هن آيتِ ڪريمه ۾ حضرت مولا علي شيرِ خدا ۽ سندن اهلِ خانه رَضِیَ اللهُ عَنْہم جي نرالي سخاوت جا ڪجهه حسين پهلو بيان ڪيا ويا آهن۔

سڀ کان پهريان ته هي ڏسو جو جڏهن ڪو سخاوت ڪندو آهي ته ان ۾ 2 شيون تمام گهڻو اهم ڪردار ادا ڪنديون آهن:

(1) سخاوت ڪندي ان شخص جي پنهنجي حالت ڪهڙي آهي؟ (2) اها ڪهڙي شيءِ آهي جيڪا ان کي سخاوت ڪرڻ تي آماده ڪري رهي آهي؟ ڪنهن به سخي جي سخاوت جو وزن انهن ٻنهي شين سان بڻجندو آهي۔ الله پاڪ حيدر جي گهراڻي جي سخاوت جي انهن ٻنهي پهلوئن کي ٻن لفظن ۾ بيان ڪيو، فرمايو:

عَلٰی حُبِّہٖ (پارہ:29، سورۀ دھر :8)

ترجمو ڪنزالعرفان: ان جي محبت ۾

مفسرينِ ڪرام هن لفظن جون ٻه معنائون بيان ڪيون آهن:

(1) هي ته کاڌو کارائيندي وقت انهن کي پاڻ ان کاڌي جي تمام گهڻي حاجت ۽ خواهش هئي۔ (2) هي ته اهي الله پاڪ جي محبت ۾ کاڌو کارائي رهيا هئا۔([1])   

 



[1]...تفسیر خزائن العرفان ،پارہ:29 ،سورۂ دہر ،زیرِ آیت:7 ،صفحہ:1073۔