Mola Ali Ko Dekhna Ibadat Hai

Book Name:Mola Ali Ko Dekhna Ibadat Hai

پیکرِ جُودو سخا تُو، میں فقیر وبے نوا                                                                               تُو ہے داتا میں گدا، مولیٰ علی مشکلکُشا

بھیک لینے کیلئے، دربار میں منگتا ترا                                                                        لے کے کشکول آ گیا، مولیٰ علی مشکلکُشا

کیوں پھروں  در در، بھلا خیرات لینے کیلئے                                            میں فقط منگتا تِرا، مولیٰ علی مشکلکُشا

اسان جو خيرات ڪرڻ جو انداز

سُبۡحٰنَ الله! ڇا شان آهي مسلمانن جي چوٿين خليفي اميرالمؤمنين حضرت مولا علي رَضِیَ اللهُ عَنْہُ جو...!! سندن وٽ صرف 4 درهم ئي هئا، سندن اهي 4 ئي درهم خدا جي راهه ۾ خيرات ڪري ڇڏيا! ۽ انداز چئن ئي جو الڳ رکيو، هڪ ڏينهن ۾ خيرات ڪيو، هڪ رات ۾، هڪ لڪائي خيرات ڪيو ۽ هڪ ظاهر ڪري جو خبر ناهي ته ڪهڙو درهم ۽ ڪهڙو انداز  ۾ الله پاڪ کي پسند اچي وڃي ۽ وڌيڪ قبوليت جو شرف ماڻي ڪري رحمتن ۽ برڪتن ۾ وڌيڪ اضافي جو سبب بڻجي وڃي.

هي صحابيِ رسول، مولاءِ ڪائنات رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ جو مبارڪ انداز آهي ۽ ٻئي طرف اسان جي حالت اها آهي ته جيڪڏهن ڪڏهن صدقو ۽ خيرات ڪرڻ جي همت ڪري به ورتي ته ڪٿي رضاءِ اِلٰهي جي نيت...! ڪهڙو اخلاص ۽ ڪاٿي جي لِلّٰهيّت...! رڳو ڪهڙي طرح ماڻهن کي خبر پئجي وڃي ته حضرت اڄ هيترا روپيا خيرات ڪري ڇڏيا! جيستائين اسان جا صدقا ۽ خيرات مشهور نه ٿي وڃن سڪون ناهي ملندو، مسجد ۾ ڪجهه ڏئي ڇڏيو ته خواهش هوندي آهي ته امام صاحب نالو وٺي دعا ڪن ته جيئن ماڻهن کي منهنجي چندي ڏيڻ جي خبر پئجي وڃي. ڪنهن مسلمان جي خير خواهي ڪئي ته تمنا اها هوندي آهي ته هاڻي ڪا صورت اهڙي به بڻجي جو اسان جو نالو اچي وڃي، ماڻهن جون زبانون اسان جي سخاوت جا ترانا ڳائن، ڪنهن تي احسان ڪيو ته خواهش هوندي آهي ته هي اسان جو خادم بڻجي رهي، اسان جون تعريفون ڪري جڏهن ته قرآن پاڪ اسان کي احسان نه جتائڻ (ڄاڻائڻ) ۽ ان جو بدلو رڳو الله پاڪ کان گهرڻ جو حڪم ڏئي رهيو آهي: