Mola Ali Ko Dekhna Ibadat Hai

Book Name:Mola Ali Ko Dekhna Ibadat Hai

چوندا آهن: اسان اوهان کان بدلو نٿا گهرون، توهان اسان کي شڪريه چئو! "Thanks"  چئو!  اسان کي ان جي به ضرورت ناهي۔ اسان ته صرف الله پاڪ جي رضا ٿا چاهيون، افسوس! جلد ئي هڪ ڏينهن اچڻ وارو آهي، ان ڏينهن غير مسلمن جا چهرا بگڙي ويندا، اسان کي ان ڏينهن جو خوف آهي۔

اسان اوهان کي کاڌو انهيءَ ڪري کارايو ته جيئن اسين ان ڏينهن جي خوف کان امن ۾ رهون! ([1])

پيارا اسلامي ڀائرو! هي اخلاص جو بلند ترين درجو آهي ته انسان جنهن تي احسان ڪيو، ان جي طرف کان شڪريي جي به تمنا نه رکي۔ ان جي نظر صرف ۽ صرف الله پاڪ جي رضا تي هجي، بس...!! ان کانسواءِ ڪجهه به دل ۾ نه هجي۔

اَلْحَمْدُ لِلّٰہ! اسان جا اسلاف به اهڙي ئي سخاوت ڪندا هئا۔ مسلمانن جي پيارِي امڙ سائڻ، حضرت عائشہ صديقه طَيِّبَہ طَاهِرَہ ۽ حضرت امِّ سلمہ رَضِیَ اللهُ عَنْہما جو مبارڪ معمول اهو هوندو هو ته جڏهن فقير ڏانهن ڪو هديو موڪلينديون هيون ته کڻي وڃڻ واري کي چونديون هيون ته ان جي دعائيه ڪلمن کي ياد رکي، پوءِ ان جهڙن ئي ڪلمن سان جواب ڏينديون ۽ چونديون هيون:

"دعا جي بدلي ان لاءِ دعا ڏني اٿئون ته جيئن اسان جو صدقو محفوظ رهي. ([2])

ڪاش!  اسان کي به اهڙي ئي سخاوت جي توفيق ملي، اسان به ڪنهن تي احسان ڪريون، صدقو ڏيون، ڀلائي ڪيون، پر ڪنهن به قسم جي بدلي جي خواهش نه ڪيون بلڪه اسان جو مقصد فقط الله پاڪ جي رضا هجي.

مِرا ہر عمل بس ترے واسطے ہو                                                                                 کر اِخلاص ایسا عطا یَاالٰہی!

عيد تي غريبن کي ياد رکو!

پيارا اسلامي ڀائرو! اسان حضرت مولا علي شيرِ خدا رَضِیَ اللهُ عَنْہُ جي سخاوت جي شان ٻڌي، سندن ڪيڏا نه صدقو ۽ خيرات ڪرڻ جا شوقين هئا !

سندن وٽ چار درهم هئا، چارئي الله جي راهه ۾ خرچ ڪري ڇڏيا۔ پاڻ رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ 


 

 



[1]...تفسیر کبیر،سورۂ دہر،زیرِ آیت :9-10 ،جلد:10 ،صفحہ:748۔

تفسیر مدارک،سورۂ  دہر، زیرِ آیت :9 - 10،جلد:3 ،صفحہ: 578 ملتقطاً ۔

[2]...احیاء علوم  الدین ،کتاب اسرار الزکاۃ ،جلد:1 ،صفحہ:287۔