Mola Ali Ko Dekhna Ibadat Hai

Book Name:Mola Ali Ko Dekhna Ibadat Hai

مدني مصطفٰي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم  کان 10 مسئلا پڇا. ([1])   

ڪو ٻيو صحابي به ان تي عمل ڪري ها، ان جو اڃا موقعو نه آيو هو ته اهو حڪم منسوخ ٿي ويو ۽ الله پاڪ هي آيتِ ڪريمه نازل فرمائي:

ءَاَشْفَقْتُمْ  اَنْ  تُقَدِّمُوْا بَیْنَ یَدَیْ نَجْوٰىکُمْ صَدَقٰتٍ ؕ فَاِذْ لَمْ تَفْعَلُوْا وَ تَابَ اللّٰہُ  عَلَیْکُمْ فَاَقِیْمُوا الصَّلٰوۃَ وَ اٰتُوا الزَّکٰوۃَ  وَ اَطِیْعُوا اللّٰہَ  وَ رَسُوْلَہٗ ؕ

  (پارہ:28 ، سورۀ مجادله:13)

ترجمو ڪنزالعرفان: ڇا توهان هن ڳالهه کان ڊڄي ويؤ جو توهان پنهنجي عرض کان پهريان ڪجهه صدقا ڏيو پوءِ جڏهن توهان (هي) نه ڪيو ۽ الله پنهنجي مهرباني سان توهان تي رجوع فرمايو ته توهان نماز قائم ڪيو ۽ زڪوٰة ڏيو ۽ الله ۽ ان جي رسول جا فرمانبردار رهو.

حضرت مولا علي شيرِ خدا رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ فرمائن ٿا: جڏهن هي مبارڪ آيت:

یٰۤاَیُّہَا  الَّذِیْنَ  اٰمَنُوْۤا  اِذَا  نَاجَیْتُمُ الرَّسُوْلَ 

(پارہ:28 ، سورۀ مجادله:12)

ترجمو ڪنزالعرفان: اي ايمان وارؤ! جڏهن توهان رسول سان اڪيلائي ۾ ڪا ڳالهه عرض ڪرڻ چاهيو.

نازل ٿي ته الله پاڪ جي آخري نبي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم مون کي فرمايو: توهان جي خيال ۾ هڪ دينار ٺيڪ آهي؟ مون عرض ڪيو: ماڻهو ايتري جي طاقت نه رکندا. فرمايو: اڌ دينار. مون عرض ڪيو اهو به نه ڏئي سگهندا. حضورِاڪرم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ارشاد فرمايو: پوءِ ڪيترو هئڻ گهرجي. مون عرض ڪيو: جَو جي هڪ داڻي جي برابر. فرمايو: توهان ته وڏا تنگ دست آهيو. پوءِ هي آيت نازل ٿي وئي:

ءَاَشْفَقْتُمْ  اَنْ  تُقَدِّمُوْا بَیْنَ یَدَیْ نَجْوٰىکُمْ صَدَقٰتٍ ؕ

(پارہ:28 ، سورۀ مجادله:13)

ترجمو ڪنزالعرفان: ڇا توهان هن ڳالهه کان ڊڄي ويؤ جو توهان پنهنجي عرض کان پهريان ڪجهه صدقا ڏيو.

 

حضرت علي المرتضيٰ رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ فرمائن ٿا: سو منهنجي ڪري الله پاڪ هن امت تي آساني فرمائي ڇڏي.


 

 



[1]...تفسیر مدارک ،پارہ: 28،سورۂ مجادلہ ،زیرِ آیت:12 ،جلد:3 ،صفحہ:450۔