Book Name:Aik Zamana Aisa Aaey Ga

عاشِقانِ رَسول جي مَدَني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي مَدَني ماحول سان وابسته ٿي ذيلي حلقي جي 12 مَدَني ڪمن ۾ وڌ کان وڌ حصو وٺو۔ ذيلي حلقي جي 12 مَدَني ڪمن مان هڪ مَدَني ڪم ”صداءِ مدينه“ لڳائڻ به آهي۔ دعوتِ اسلامي جي مَدَني ماحول ۾ مسلمانن کي نمازِ فجر جي لاءِ جڳائڻ کي ”صداءِ مدينه“ لڳائڻ چوندا آهن۔ هن مدني ڪم جو رِسالو بنام "صداءِ مدينه" به منظرِ عام تي اچي چڪو آهي۔

٭ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ ”صَداءِ مدينه“ جي برڪت سان نمازِ تهجد جي سعادت ملي سگھي ٿي۔ ٭ "صداءِ مدينه" جي برڪت سان نماز جي حفاظت ٿيندي آهي۔ ٭ "صداءِ مدينه" جي برڪت سان مسجد جي پهرين صف ۾ تڪبيرِاُوليٰ سان فجر نماز جي ادائيگي ٿي سگھي ٿي۔ ٭ "صداءِ مدينه" جي برڪت سان "نيڪي جي دعوت" ڏيڻ جو ثواب به حاصل ڪري سگھجي ٿو۔ ٭ "صداءِ مدينه" جي برڪت سان دعوتِ اسلامي جي نيڪ نامي ۽ تشهير ٿيندي۔ ٭ "صداءِ مدينه" لڳائڻ وارو باربار مُسلمانن کي حج ۽ مٺو مدينو ڏسڻ جي دُعا ڏيندو آهي، الله پاڪ چاهيو ته اهي دُعائون، ان جي حق ۾ به قبول ٿينديون۔ ٭ "صداءِ مدينه" ۾ پيدل هلڻ جي برڪت سان صحت به سٺي ٿيندي۔ ٭ "صداءِ مدينه" لڳائڻ مسلمانن کي نمازِ فجر جي لاءِ جاڳائڻ آهي، ۽مسلمانن کي نمازِ فجر جي لاءِ جاڳائڻ سُنّتِ مصطفيٰ آهي، مسلمانن کي نماز فجر جي لاءِ جاڳائڻ سنت داؤدي آهي، مسلمانن کي نماز فجر جي لاءِ جاڳائڻ سنت حيدري ۽ سنت فاروقي آهي، جيئن

اَمِيرُ المؤمنين حضرت سَيدُنا عمر فاروقِ اعظم رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْه نمازِ فجر جي لاءِ ماڻهن کي جاڳائيندي مسجد تشريف کڻي ويندا ها۔ (طبقات ڪبريٰ، ذڪر استخلاف عمر، ۳/۲۶۳مفهوماً) اچو ترغيب طور صداءِ مدينه لڳائڻ جي هڪ مدني بهار ٻڌو ۽ خوش ٿيو، جيئن